جلسن جي مهم لاءِ نه ترقي ۽ خوشحالي جي سفر تي نڪتو آهيان: نواز شريف

مانسهرا (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پير ڪڍڻ وارا ملڪ جي ترقي واري راهه ۾ ايندا ته عوام کين ٻاهر ڪڍي اڇلائي ڇڏيندو، اسان ڌرڻن جي نه پر بيروزگاري جي خاتمي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ عوام جي خدمت واري اينجنڊا رکون ٿا، هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ تمام ترقياتي منصوبا هو پاڻ مڪمل ڪري رهيا آهن، هن سوال ڪيو ته نئون پاڪستان ڪيڏانهن ويو؟  رڳو زباني نعرا نٿا هڻو پر عملي طور تي ڪم ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته پيٽروليم وزارت طرفان تيل جي اگهن ۾ اضافي جي سمري اماڻي وئي جنهن تي اسان معزرت ڪئي، جڏهن ته بجلي به اڍائي رپيا في يونٽ سستي ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته اسان جا 5 سال پورا ٿيندا ته قوم کي خوشحال پاڪستان نظر ايندو، هن چيو ته لوڊشيڊنگ هميشه دفن ٿي ويندي ۽ منصوبو ايندڙ 2 سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو،مانسهرا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته مان ترقي جي سفر تي نڪتو آهيان، جلسن ۽ جلوسن جي مهم تي نه نڪتو آهيان، وزيراعظم چيو ته الله تعالي جي فضل وڪرم سان هو سڄي پاڪستان جي ترقي جي ايجنڊا رکن ٿا، عوام جي خوشحالي واري اينجنڊا سميت بيروزگاري جو خاتمو ڪرڻ چاهيون ٿا، وزيراعظم چيو ته ڌرڻا ايجنڊا سندس منشور جو حصو ناهي، جڏهن ته هو عوام ۽ پاڪستان جي ڪاميابي جي ايجنڊا رکن ٿا، هن چيو ته پاڪستان کي بهتر ملڪ بڻائڻ جو عزم ڪري نڪتا آهيون ۽ اڄ ان رستي تي هلي رهيا آهيون، هن چيو ته موٽر وي ٺهي رهيا آهن ۽ ان سان مون کي خوشي ٿي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته برهان کان حويليان تائين موٽر وي تي پهريان کان ڪم شروع آهي ۽ ٻئي مرحلي ۾ حويليان کان ڇنڪاري موٽر وي شروع ڪيو پيو وڃي، ان موقعي تي ميان نواز شريف عوام کان سوال ڪيو ته برهان کان شنڪار تائين ڪيترا ڪلاڪ لڳن ٿا، جنهن تي ماڻهن 5 ۽ ڪجهه ماڻهن 8 ڪلاڪ ٻڌايو، وزيراعظم ان موقعي تي چيئرمين اين ايڇ اي کي اسٽيج تي سڏايو ۽ ان حوالي کان کائنس پڇيو، چيئرمين ٻڌايو ته برهان کان شنڪاري تائين موٽر مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اهو فاصلو صرف ڏيڍ ڪلاڪ ۾ طئه ٿيندو، هن وڌيڪ چيو ته مانسهرا ۽ ايبٽ آباد موٽر سان ملايو ويندو ۽ اها موٽر وي خوشحالي جو پيغام هوندي. وزيراعظم چيو ته اسان صرف نعريبازي نٿا ڪريون پر عملي ڪم ڪري رهيا آهيون، برهان مان ايندڙ موٽر وي جو هيليڪاپٽر ذريعي سروي ڪيو ۽ ايندڙ سال اهو مڪمل ڪيو ويندو، شنڪاري تائين موٽر وي 2018 تائين مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ 1990 کان اڄ تائين جيترا به وڏا وڏا منصوبا آهن اهي ن ليگ جي حڪومت دوران مڪمل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پشاور کان اسلام آباد تائين موٽر وي اسان جي دور ۾ ٺاهي وئي ان کانپوءِ هزار موٽر وي تي ڪم هلي رهيو آهي، جل ڀل بالا ڪوٽ کان روڊ به اسان جي دور ۾ تعمير ڪيو ويو. نواز شريف چيو ته هتي زلزلي اچڻ کانپوءِ ڪنهن به ڪم نه ڪيو، يونيورسٽي کي 66 ڪروڙ رپيا پهريان ڏنا هاڻ هڪ سئو ڪروڙ جو اعلان ڪريان ٿو، اسان صرف بجلي جا ڪارخان ۽ روڊ نٿا ٺاهيون پر ٻارڙن جي تعليم لاءِ به تعليمي ادارا قائم ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ هاڻ نه رڳو بجلي ايندي پر اها سستي هوندي، بجلي جي في يونٽ جي قيمت ۾ اڍائي رپيا سستي ڪري رهيا آهيون، ان کان پهريان به سستي ڪئي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *