جلسا ۽ پريس ڪانفرنسون مني لانڊرگ ڪيس کي انجام تي نٿيون پهچائي سگهن: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) سرفراز مرچنٽ جي الزامن بابت ايف آءِ اي جي جاچ جاري آهي ۽ کيس نوٽس به جاري ڪيو ويو آهي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار واضح ڪيو آهي ته ڀارت طرفان حڪومتي سطح تي سڪيورٽي جي خاطري ڪرائڻ تائين قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت نه موڪلي ويندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري نثار چيو ته حڪومتي سطح تي ڀارت طرفان اڃا تائين سڪيورٽي جي خاطري نه ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته هر پاڪستاني چاهي ٿو ته قومي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ شرڪت لاءِ ڀارت وڃي، پر رانديگرن تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ نه هجڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته رانديگرن کي تحفظ فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، بي سي سي آءِ ۽ آءِ سي سي مان کين ڪا به شڪايت نه آهي. گهرو وزير چيو ته بي سي سي آءِ طرفان لکت ۾ بيان کين ملي ويو آهي. چوڌري نثار چيو ته ڀارت ۾ رڳو پاڪستاني ٽيم کي ئي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، ڌمڪين سان ڪرڪيٽ ڪيئن ٿي سگهندي؟ هن چيو ته سرفراز مرچنٽ جي الزامن بابت ايف آءِ اي جي جاچ جاري آهي ۽ کيس نوٽس به جاري ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سرفراز مرچنٽ پنهنجن وڪيلن سان صلاح مشوري کان پوءِ پاڪستان ايندو. گهرو وزير چيو ته ڊگهين پريس ڪانفرنسن ۽ بيانن سان ڪيس کي انجام تائين نه ٿو پهچائي سگهجي. هن چيو ته بيان ڏيندڙن کي خبر نه آهي ته مني لانڊرنگ ڪيس ۽ شاهدَ لنڊن ۾ آهن. وفاقي گهرو وزير چيو ته سرفراز مرچنٽ بيان ڏيڻ سان گڏوگڏ شاهديون به ڏيندو، سندس پاڪستان آمد ڳجهي رکي ويندي.چوڌري نثار چيو ته متحده سان ڀلي سندس لاڳاپا ٺيڪ نه هجن پر انصاف ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *