جسٽس (ر) الطاف ابراهيم قريشي وقتي چيف اليڪشن ڪمشنر ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جسٽس (ر) الطاف ابراهيم قريشي وقتي چيف اليڪشن ڪمشنر جي حيثيت ۾ حلف کڻي ورتو، سردار رضا محمد خان 6 ڊسمبر 2014 تي پنهنجي عهدي جو حلف کنيو هو، ان جو ملازمت وارو مدو اڄ پورو ٿي ويو آهي، سردار رضا محمد خان جي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن پنجاب جي سينيئر ميمبر جسٽس الطاف ابراهيم قريشي وقتي چيف اليڪشن ڪمشنر جي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر جي معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن اڃان تائين هڪ نالي تي اتفاق نه ڪري سگهيون آهن ۽ اپوزيشن چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري وارو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ به کڻي وئي آهي. ان کانسواءِ اليڪشن ڪميشن جي ٻن ميمبرز جي مقرري جي حوالي سان به حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ اتفاق ٿيڻ رهيل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *