جسٽس جواد ايس خواجه وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس جواد ايس خواجه جمعي ڏينهن وقتي چيف جسٽس آف پاڪستان جو حلف کڻي ورتو آهي. چيف جسٽس ناصر الملڪ جي پرڏيهي دوري دوران جسٽس جواد ايس خواجه چيف  جسٽس آف پاڪستان جي حيثيت سان فرض سرانجام ڏيندو. سپريم ڪورٽ ۾ ان سلسلي ۾ هڪ پروقار تقريب ٿي جنهن ۾ سينيئر جج جسٽس انور ظهير جمالي جسٽس جواد ايس خواجه کان وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف ورتو. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جج صاحبان، سينيئر وڪيلن، اٽارني جنرل آف پاڪستان ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل سپريم ڪورٽ محمد علي تقريب هلائي. ان موقعي تي سپريم ڪورٽ جو عملو پڻ موجود هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *