جسٽس جواد ايس خواجه وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻي ورتو

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس جواد ايس خواجه وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻي ورتو، سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس ثاقب نثار سپريم ڪورٽ ۾ منعقد هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ کانئس حلف ورتو، جسٽس جواد ايس خواجه چيف جسٽسآف پاڪستان جسٽس ناصر الملڪ جي ڏيهه واپسي تائين وقتي چيف جسٽس طور خدمتون انجام ڏيندو، حلف برداري جي تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن، سينيئر وڪيلن ۽ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي عملدارن شرڪت ڪئي، سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار سيد طاهر شهباز حلف برداري جي تقريب جي ڪارروائي سرانجام ڏني. جڏهن ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي عملدارن ۽ عملي به تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *