جسمم اڳواڻ آصف پنهور جو قتل، سنڌ يونيورسٽي ۾ ڇڪتاڻ برقرار، چڪريون، 20 شاگرد زخمي، 50 کان وڌيڪ گرفتار

ڄامشورو/باقراڻي (نمائندن وٽان) حيدرآباد مان اڻڄاتل ماڻهن پاران کنڀي گم ڪرڻ بعد بيدرديءَ سان قتل ڪيل جسمم اڳواڻ آصف پنهور جو چچريل لاش باقراڻي ڀرسان هٿ آيو هو، واقعي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهراڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن. گذريل رات دير سان باقراڻي جي ڳوٺ شير محمد جتوئي ڀرسان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ جسمم جي گم ڪيل اڳواڻ آصف پنهور طور ڪئي وئي. اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي مقتول قومپرست اڳواڻ جو لاش چانڊڪا اسپتال نيو ويو،جتي سندس پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. مقتول آصف پنهور جو لاش سندس ڀاءُ راشد پنهور وصول ڪري گولاڙچي روانو ٿي ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته آصف پنهور کي 100 ڏينهن اڳ حيدرآباد مان کنڀي گم ڪيو ويو هو. مقتول قومپرست اڳواڻ آصف پنهور کي گولاڙچي ڀرسان اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.هوڏانهن قومپرست اڳواڻ آصف پنهور جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد آصف پنهور جو تشدد ٿيل لاش ملڻ کانپوءِ گذريل رات کان ميدان جو جنگ بڻيل ڪئمپس ۾ شروع ٿيل ڇڪتاڻ تي اڃا تائين ضابطو اچي نه سگهيو آهي، شاگردن پاران هاسٽل گيٽ وٽ ڌرڻو هڻڻ ۽ بعد ۾ رينجرز ۽ پوليس سان چڪرين توڙي آنسو گئس جي استعمال سان زخمي ٿيل 20 کان مٿي شاگردن کي اسپتال منتقل نه ڪيو ويو، جڏهن ته هاسٽلن تي رينجرز ۽ پوليس پاران جاري سرچ آپريشن ڪري هاسٽلن جي مک گيٽ سميت ننڍن ننڍن گيٽن کي بڪتربند گاڏين سان ٽوڙي پوليس توڙي رينجرز هاسٽلن ۾ داخل ٿي سخت تشدد بعد 50 کان مٿي شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ڪيل شاگردن کي مختلف گاڏين ۾ وجهي مختلف ٿاڻن ۽ نامعلوم هنڌن تي منتقل ڪيو ويو، جنهن دوران شاگرد اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندا رهيا ته اسان کي اسپتال پهچايو پر کين اسپتال بدران مختلف هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جنهن بعد ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ يونيورسٽي ڏي ايندڙ ويندڙ سمورا رستا سيل ڪيا ويا ۽ اتي وڏي انگ ۾ رينجرز ۽ پوليس جي نفري مقرر ڪئي وئي ۽ رينجرز جو گشت پڻ وڌايو ويو. هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پوائنٽ بسون بند ڪري اڻ اعلانيل مدي تائين تدريسي عمل بند ٿي ويو آهي، پوائنٽ بسون نه هلڻ ڪري سوين شاگرد، شاگردياڻيون، ملازم توڙي آفيسر ڪئمپس پهچي نه سگهيا، جڏهن ته پاڻمرادو پهتل شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مين گيٽ وٽان رينجرز ۽ پوليس روڪي واپس روانو ڪري ڇڏيو، ٻئي ڏينهن به رينجرز ۽ پوليس جو مين بوائز هاسٽل ۽ ماروي گرلز هاسٽل سميت سمورين هاسٽلن ۾ ڪڙو برقرار رهيو، جنهن سبب اتي رهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ خوف حراس ڇانيل هو، جن جي ٻاهر نڪرڻ تي پڻ پابندي لڳائي وئي هئي. هوڏانهن گرفتار ڪيل شاگردن ۾ قمبر جي سينيئر صحافي ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار جو پٽ مصري مڱڻهار پڻ شامل آهي. جنهن موجب اسان کي لوڻي ڪوٽ ٿاڻي تي رکي ايس ايڇ او نثار شاهه سميت ٻين سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *