جسماني رمانڊ ۾ 7 ڏينهن واڌ: جڏهن هوائن جو رُخ مَٽجڻ جو وقت آيو ته حڪومت قانون ئي تبديل ڪري ڇڏيو: احسن اقبال

اسلام آباد (اين اين آءِ) ن ليگ جي اڳواڻ احسن اقبال هڪ ڀيرو ٻيهر آرڊيننس مان فائدو وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته مان نيب ترميمي آرڊيننس جو فائدو نٿو وٺڻ چاهيان جن ماڻهن کي نوازڻ لاءِ آرڊيننس آندو ويو انهن کي ئي فائدو ڏيو، جڏهن ته احتساب عدالت ن ليگ جي اڳواڻ جو 7 ڏينهن جو ريمانڊ ڏئي ڇڏيو، سومر تي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ احسن اقبال جي خلاف نارو وال اسپورٽس سٽي ڪامپلڪيس اڏاوت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، نيب عملدارن جوڊيشل ريمانڊن مڪمل ٿيڻ تي کيس عدالت ۾ پيش ڪيو، نيب پراسيڪيوٽر احسن اقبال جي وڌيڪ 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي اپيل ڪئي جنهن تي جج محمد بشير پڇاڻو ڪيو ته پهريان توهان اهو ٻڌايو ته وڌيڪ ريمانڊ ڇو گهرجي، نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته اسان وٽ احسن اقبال جي خلاف اڻ ڳڻيا ثبوت آهن، نارو وال اسپورٽس سٽي جي لاڳت ۾ 180 سيڪڙو واڌ ٿي، هڪ ضلعي سطح جي گرائونڊ تي عالمي معيار جي اسٽيڊيم جيترو خرچ ڪيو ويو، رٿا جي منظوري ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، احسن اقبال پلانننگ اينڊ ڊيولپمينٽ جي چارج سنڀالڻ کانپوءِ اختيارن جو غلط استعمال ڪيو، هن ٻڌايو ته احسن اقبال پنهنجي وزارت کي نارو وال اسپورٽس سٽي رٿا کي پي ايس ڊي پي ۾ شامل ڪرڻ جو چيو، سچ اهو آهي ته هي رٿا 2012 پنجاب حڪومت کي منتقل ٿي چڪي هئي، 18 هين ترميم کانپوءِ 2 سئو ملين رپيا وفاقي بجيٽ مان نارو وال لاءِ رکڻ غير قانوني هو، نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته احسن اقبال جي اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿي رهي آهي، تنهنڪري وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي ضرورت آهي، وائيٽ ڪالر ڪرائيم ۾ بااثر جوابدارن کي گرفتار نه ڪريو ته ڪو به تعاون نٿو ڪري، سرڪاري ادارا بااثر جوابدارن کان ڊڄن ٿا ۽ رڪارڊ نٿا ڏين، احسن اقبال جي وڪيل ظفر الله وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي مخالفت ۾ دليل ڏيندي چيو ته نيب هڪ سال تائين رڳو رڪارڊ لاءِ ئي خط لکي رهيو آهي، گذريل ٻڌڻي تي ريمانڊ جا جيڪي سبب ٻڌايا ويا اهي اڄ به آهن، هاڻ ته نيب اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ جي ڳالهه به شروع ڪري ڇڏي آهي، لڳي ٿو ته نيب آرڊيننس جي روشني ۾ به احسن اقبال کي هن ڪيس سان ڳنڍڻ چاهي ٿو، هي رڳو سياسي اتنقام آهي، ان موقعي تي عدالت نيب پراسڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته احسن اقبال ڪيس تي نيب ترميمي آرڊيننس لاڳو ٿيندو يا نه نه، ان تي پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته لاڳو نه ٿيندو، احسن اقبال عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته آرڊيننس مان فائدو وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته مان نيب ترميمي آرڊيننس جو فائدو نٿو وٺڻ چاهيان جن ماڻهن کي نوازڻ لاءِ آرڊيننس آندو ويو انهن کي ئي فائدو ڏيو، جنهن کانپوءِ عدالت احسن اقبال جي 7 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *