جسقم پاران 21 مارچ تي سڄي سنڌ اندر شٽر بند هڙتال جو اعلان

حيدرآباد (بيورو) جسقم پاران شهيد مقصود قريشي، سلمان وڌو ۽ منظور چنا جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف 21 مارچ تي سموري سنڌ اندر شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال جو اعلان ڪيو آهي، جسقم چيئرمين صنعان قريشي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ڌاريان آباد ڪري سنڌين کي اقليتن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. حيدرآباد ۾پريس ڪانفرنس ڪندي جسقم چيئرمين صنعان قريشي، نياز ڪالاڻي ۽ ٻين چيو ته شهيد مقصود قريشي سميت 3 ڪارڪنن جا قاتل رياست گرفتار ناهي ڪري سگهي. هنن چيو ته ٽنهي جي شهادت واري ڏهاري 21 مارچ تي سموري سنڌ اندر شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي ويندي. هنن چيو ته 23 مارچ تي سموري سنڌ اندر سنڌ گهري ٿي آزادي جي نالي سان ريليون ڪڍيون وينديون ۽ 7 اپريل تي رتي ديري ۾ شهيد بشير خان قريسي جي ورسي ملهائي ويندي. صنعان قريشي جو چوڻ هو ته  سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري سنڌي ماڻهن کي اقليتن ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جيڪا سنڌي عوام ناڪام بڻائي ڇڏيندو. هن چيو ته حڪمران سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿي سنڌي ماڻهن کي مرحومين ڏانهن ڌڪي رهيا آهن، جنهن خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *