جسس انور ظهير جمالي حلف کڻي ورتو، صدر سان ملاقات، ممنون حسين پاران منصب سنڀالڻ تي مبارڪون

اسلام آباد (اين اين آءِ) جسٽس انور ظهير جمالي چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻي ورتو، صدر ممنون حسين سان چيف جسٽس آف پاڪستان مسٽر جسٽس انور ظهير جمالي ملاقات ڪئي صدر کيس سپريم ڪورٽ جو سڀ کان اعليٰ منصب سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون خميس تي حلف کڻڻ واري تقريب کان پوءِ صدر سان چيف جسٽس ملاقات پڻ ڪئي صدر کيس سپريم ڪورٽ جو سڀ کان اعليٰ منصب سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون ۽ توقع ظاهر ڪئي ته هو پنهنجي ذميواري بهتر نموني سان نڀائيندا واضح رهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ٻيو ڀيرو حلف کڻڻ واري تقريب جي سڄي ڪارروائي اردو ٻولي ۾ ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *