جج صاحب حڪومت جي ڪمن ۾ اسٽي آرڊر ڏيڻ کان پاسو ڪن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ عدالتن ۽ جج صاحبن   کي استدعا ڪئي آهي ته هو حڪومت جي ڪمن ۾ اسٽي آرڊر ڏيڻ کان پاسو ڪن. سپريم ڪورٽ جي فلاحي ۽ رفاحي پلاٽن، راندين جي ميدانن، گرين بيلٽس ۽ پارڪن تي ڪنهن به قسم جي حددخليون نه هجن ۽ انهن زمينن جي قانوني حيثيت کي ڪوبه تبديل نٿو ڪري سگهي واري واضح فيصلن کان پوءِ ماتحت عدالتن پاران ان جي برخلاف اسٽي آرڊر افسوس جوڳا آهن. ماضي ۾ تعليمي ادارن، اسپتالن ۽ ٻين رفاحي  ڪمن جي نالن تي سرڪار کان زمينون وٺندڙن هاڻ ان کي ڪاروبار جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت نه ٿيڻ ڏنو ويندو. پوري صوبي ۾ سرڪاري زمينن ۽ ملڪيتن جو ناجائز ۽ غيرقانوني استعمال روڪڻ جي مهم کي ان وقت تائين روڪيو ويندو، جيستائين هڪ هڪ انچ زمين حقيقي طور تي جنهن استعمال لاءِ ورتي وئي آهي ان تي ان جو استعمال شروع نه ٿو ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن ضلعي ايسٽ ۾ گلشن چورنگي تي قائم ”پي اي ايس ايس پي“ نالي غيرقانوني شادي هال کي مسمار ۽ بعد ۾ سر سيد يونيورسٽي جي تحت عليڳڙهه يونيورسٽي سان گڏ قائم ٻن غيرقانوني شادي هالن کي سيل ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر امداد پتافي ۽ ڊاڪٽر سڪندر شورو، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ثاقب سومرو، ميٽروپوليٽن ڪمشنر ڪراچي مسعود عالم، ايڊمنسٽريٽر ايسٽ سيد صلاح الدين، ڊي سي ايسٽ ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر به موجود هئا. ان موقعي تي هن گلشن چورنگي تي ئي قائم النساءَ هال جي انتظاميه کي به هدايت ڪئي ته اتي عورتن جي نالي تي ورتل زمين تي جيڪڏهن هاڻ ڪابه شادي جي تقريب يا ٻئي ڪنهن به ڪمرشل پروگرام جو بندوبست ڪيو ويو ته ان هال کي به سيل ڪيو ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان قبضن خلاف مهم جو صوبي ۾ جيڪو آغاز ڪيو آهي ان کي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچائي ساهه پٽينداسين. هن چيو ته مونکي افسوس آهي ته گذريل ڏينهن اسان ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۾ رستي جي وچ ۾ موجود گرين بيلٽ تي قائم ٻن غيرملڪي ريسٽورينٽ پيزا هٽ ۽ برگر ڪنگ ۽ هڪ مٺائي جي دڪان دلپسند سوئيٽ کي سيل ڪيو هو، جنهن تي هاءِ ڪورٽ پاران ان ضلعي جي ايڊمنسٽريٽر خلاف توهين عدالت جو نوٽيس ڏنو ويو ۽ ناظر جي مدد سان ان سيل کي به کوليو ويو. هن چيو ته آئون ميڊيا جي ذريعي سان معزز عدليه ۽ جج صاحبن کي گذارش ڪريان ٿو ته هو سپريم ڪورٽ جي واضح حڪمن کان پوءِ حڪومتي معاملن ۾ اسٽي آرڊر ڏيڻ کان پاسو ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن اهو سلسلو بند نه ٿيو ته ڪابه حڪومت انهن غيرقانوني سرگرمين کي روڪڻ ۾ ڪنهن صورت ڪامياب نه ٿي سگهندي. هن چيو ته اسان زمينن جي غلط الاٽمينٽ ۽ انهن تي تجارتي غيرقانوني سرگرمين سرگرمين ۽ پنهنجن اختيارن کي اورانگهڻ سبب ڪيترن ئي سرڪاري آفيسرن کي معطل ڪيو آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته هن شهر ۽ صوبي مان سمورن غيرقانوني ڪمن جو خاتمو ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن رفاحي ۽ فلاحي زمينن، پارڪن ۽ راندين جي ميدانن ۾ شادي هالن جي اجازت ڏيڻ هجي ها ته پاڻ ڪي ايم سي اهو ڪم ڇو نه ڪري ۽ اڄ ڪي ايم سي هن صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ آمدني جو ذريعو ڇو نه بڻجي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئون عوام کي به گذارش ڪريان ٿو ته هو شادي هالن جي بڪنگ کان اڳ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته جيڪي شادي هال هو بڪ ڪرائي رهيا آهن اهي غيرقانوني ته ناهن ۽ ان سلسلي ۾ جلد ئي اسان پوري شهر جي سمورن قانوني شادي هالن جي لسٽ کي ڪي ايم سي جي ويب سائيٽ تي به عوام لاءِ رکي رهيا آهيون. هن چيو ته جن جن شادي هالن کي ٽوڙيو ويو ۽ انهن جي مالڪن پاران جيڪڏهن بڪنگ ڪرائيندڙن کي ادائيگي نه پئي ڪئي وڃي ته هو لاڳاپيل ضلعي جي ڊي سي ۽ ٿاڻي ۾ انهن خلاف ڪيس داخل ڪرائي سگهن ٿا. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عليڳڙهه يونيورسٽي ۾ جيڪي به شادي هال قائم ڪيا ويا آهن انهن مان هڪ پاران هال هلائيندڙ عليڳڙهه يونيورسٽي کي ماهوار 1 لک 30 هزار رپيا عطيو ڏيڻ جي دعويٰ ڪري ٿو ته ٻئي طرف ان جي معاهدي ۾ واضح آهي ته اهو مسواڙ جي مد ۾ وصول ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته اها زمين يونيورسٽي لاءِ حاصل ڪئي وئي، جنهن تي اسان ان جو سمورو ريڪارڊ ضبط ڪري ورتو آهي ۽ هالز کي سيل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سمورن قانوني تقاضا ئون پوريون ڪندي ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي هن چيو ته هن مهم کي عوام پاران ڀرپور پذيرائي ملي آهي ۽ عوامي حلقن ۾ به ان کي ساراهيو ويو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اها ڪارروائي ڪنهن خلاف نه بلڪ قبضا ۽ لينڊ مافيا خلاف آهي ۽ اها ڪارروائي آخري دم تائين جاري رکي ويندي ۽ ان سلسلي ۾ نه هو پاڻ ڪنهن جي دٻاءُ ۾ ايندو ۽ نه ئي آفيسرن کي دٻاءُ قبول ڪرڻو ڏنو ويندو. هن چيو ته سمورن خانگي زمينن تي قائم شادي هال مالڪن کي به خبردار ڪريان ٿو ته هو پنهنجا شادي هال قانوني طور تي رجسٽرڊ ڪرائين ۽ اين او سي حاصل ڪن ٻي صورت ۾ سندن شادي هال به ٽوڙيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *