جج ارشد ملڪ وڊيو اسڪينڊل: وڊيو تڏهن مفيد هوندي جڏهن نواز شريف جي آزادي جي درخواست ايندي: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ جج ارشد ملڪ جي وڊيو اسڪينڊل تي ٻڌڻين بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. عدالت جج ارشد ملڪ کي لاهور موڪلڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته سندس اعتراض جوڳي وڊيو حڪومت وٽ آهي، اُها به کيس بليڪ ميل ڪري سگهي ٿي. سُپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ 3 رُڪني بئنچ جج ارشد ملڪ جي وڊيو اسڪينڊل جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اٽارني جنرل ۽ ڊي جي ايف آءِ اي پيش ٿيا. ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس پُڇيو ته ناصر جنجوعه دعويٰ ڪئي هئي ته ارشد ملڪ کي هُن جج مقرر ڪرايو هو، ڇا اُهو مبينا شخص سامهون آيو، جنهن ارشد ملڪ جي مقرري ڪرائي هئي؟ جنهن تي اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته اُهو مبينا شخص منظرعام تي نه آيو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ وڊيو هئي، جنهن ذريعي جج کي بليڪ ميل ڪيو ويو، ٻي وڊيو پريس ڪانفرنس ذريعي ڏيکاري وئي هئي.
مبينا اعتراض جوڳي وڊيو وارو معاملو اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته شهباز شريف ۽ ليگي قيادت وڊيو کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي، مريم نواز به وڊيو کان لاتعلقي جو اظهار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس چوڻ هو ته اعتراض جوڳي وڊيو نه ڏٺي آهي. چيف جسٽس چيو ته رپورٽ پٽاندڙ ملتان واري اعتراض جوڳي وڊيو ۾ طارق محمود به نظر اچي ٿو، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته جي بلڪل، اُهو نظر اچي رهيو آهي. اُن وڊيو جي فارينزڪ ڪرائي وئي آهي، باقي ارشد ملڪ جي نئين وڊيو جي فارينزڪ نه ڪرائي وئي آهي. جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏيندي چيو ته جج ارشد ملڪ جي وڊيو سڄي ملڪ ۾ ماڻهن وٽ اچي وئي آهي، رڳو ايف آءِ اي وٽ نه آهي؟ وڊيو جي فارينزڪ ڇو نه ٿي سگهي آهي؟ سڄو ملڪ ۽ عدالت جنهن وڊيو جي حوالي سان سوال پُڃي رهي آهي، اُن جي فارينزڪ ناهي ٿي سگهي، اِن جو ڪهڙو ثبوت آهي ته پهرين وڊيو اصل آهي؟
ايف آءِ اي جي رپورٽ ۾ ابهام ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته رپورٽ ۾ ابهام پيدا ٿيو آهي، غالبن 2 وڊيوز هيون، هڪ وڊيو اعتراض جوڳي هئي، جنهن ذريعي جج ارشد ملڪ کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ٻي وڊيو پريس ڪانفرنس ۾ ڏيکاري وئي. ڏسڻو اهو آهي ته وڊيو جي ڪاپي جي فارينزڪ ٿي سگهي ٿي يا نه؟ ۽ اهو به ڏسڻو آهي ته يوٽيوب وڊيو جي فارينزڪ ٿي سگهي ٿي يا نه؟ اٽارني جنرل عدالت ۾ چيو ته ڪجهه ڄاڻ کُليل عدالت ۾ نٿي ڏئي سگهجي، هن ڪيس جا 2 اهم ڪردار ناصر بٽ ۽ سليم هن وقت ملڪ ۾ نه آهن. وڊيو مان نواز شريف کي فائدو ٿيندو؟ ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس چيو ته نواز شريف جي سزا ختم ۽ آزادي جي حوالي سان وڊيو فائديمند تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن ڪا درخواست داخل ڪئي وڃي، ڇا قانوني فائدو وٺڻ لاءِ ڪنهن عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته نه ڪنهن به درخواست داخل ناهي ڪرائي. عدالت ٻڌڻي بعد ڪيس تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. جج کي لاهور واپس موڪلڻ جو حڪم عدالت اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي حڪم ڏنو ته جج ارشد ملڪ کي لاهور واپس موڪليو ته جيئن واڳيل عدالت ڪيس تي فيصلو ڪري سگهي، توهان کيس اسلام آباد ۾ ويهاري ڇو تحفظ مهيا ڪري رهيا آهيو. جيڪو جج عام سائل کان بليڪ ميل ٿئي ٿو ته اُهو ڪنهن کان به بليڪ ميل ٿي سگهي ٿو. جج ارشد ملڪ جي اعتراض جوڳي وڊيو وفاقي سرڪار وٽ آهي، تنهن ڪري اُها به کيس بليڪ ميل ڪري سگهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *