ججن خلاف ريفرنس عدليه جي آزادي تي سڌو حملو قرار، سينيٽ ۾ ٺهراءُ منظور

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينيٽ ججن خلاف حڪومت طرفان ريفرنس موڪلڻ تي ججن سان ٻڌيءَ جي اظهار جو ٺهراءُ منظور ڪيو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ مسلم ليگ ن اڳواڻ راجا ظفر الحق ججن سان ٻڌيءَ جي اظهار جو ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت طلب ڪئي جنهن تي سينيٽ چيئرمين اجازت نه ڏني. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ججن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ تي ايوان ڳڻتي ظاهر ڪري ٿو، اهو ريفرنس عدليه جي آزادي تي سڌو حملو آهي،  ايوان عدليه جي معزز ججن سان ٻڌيءَ جو اظهار ڪري ٿو.  راجا ظفر الحق جي ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته حڪومت معزز ججن خلاف ريفرنس واپس وٺي. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ريفرنس ڳجهي انداز ۾ داخل ڪيو ويو جنهن بابت لاڳاپيل ججن کي ڪا خبر ناهي. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ججن خلاف ريفرنس تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي ۽ بار به ورهايل نظر پئي اچي، شڪ پيدا ٿئي ٿو ته ريفرنس معزز ججن جي تازن فيصلن بابت آهي، ايوان معزز ججن سان ٻڌيءَ جو اظهار ڪري ٿو ۽ حڪومت معزز ججن خلاف ريفرنس واپس وٺي. سينيٽ معزز ججن سان ٻڌيءَ جي اظهار جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *