ججز مقرري بابت عدالتي ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججز جي مقرري لاءِ 3 نالا تجويز ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ججز مقرري بابت عدالتي ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججز جي مقرري لاءِ 3 نالا تجويز ڪري ڇڏيا. سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججز جي مقرريءَ واري معاملي تي ويچاريو ويو. ذريعن موجب عدالتي ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل ججز لاءِ ٽن نالن جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. ڪميشن طرفان بئريسٽر عمر سومرو جو نالو فهرست مان خارج ڪيو ويو، جڏهن ته جِن ججز جا نالا سفارش ۾ شامل ڪيا ويا آهن، اُنهن ۾ جج راشده اسد، عبدالمبين لاکو ۽ محمد ذوالفقار علي سانگي شامل آهن. عدالتي ڪميشن طرفان پارلياماني ڪميٽي ڏانهن انهن نالن تي ٻڌل سفارش موڪلي وئي آهي. پارلياماني ڪميٽي کي 14 ڏينهن اندر انهي سفارش تي فيصلو ڪرڻو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *