جتي بجلي چوري گهڻي آهي اتي لوڊشيڊنگ 18 کان 20 ڪلاڪ ڪئي پئي وڃي: عابد شيرعلي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي قومي اسيمبلي ۾ جواب پيش ڪندي چيو آهي ته جنهن علائقي ۾ بجلي چوري گهڻي آهي، ان علائقي ۾ لوڊشيڊنگ 18 کان 20 ڪلاڪ ڪئي پئي وڃي، پنجاب ۾ به لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. اجلاس ۾ جواب پيش ڪندي عابد شير علي چيو ته پيپڪو جي 340 فيڊرن تي لوڊشيڊنگ نه ٿي رهي آهي. هن چيو ته بجلي جي ٽرانسميشن سسٽم کي بهتر ڪيو ويو آهي، رهتون ادا نه ڪندڙ علائقن ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. عابد شير علي چيو ته درگاهن مان پوري پوري علائقي کي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي، ماضي ۾ جنهن علائقي ۾ 15 کان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي هاڻي انهن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ گهٽ ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *