جاچ ڪيو ته ڊيم فنڊ جا پيسا ڪهڙي اڪائونٽ ۾ رکيا ويا: خورشيد شاهه جو مطالبو

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه مطالبو ڪيو آهي ته جاچ ڪئي وڃي ته ڊيم فنڊ جا پيسا ڪهڙي اڪائونٽ ۾ رکيا ويا، پي ايس ڊي پي تي 15 سيڪڙو رکي، ڊيم بڻجڻ ۾ 10 سال لڳندا، حڪومت کي ٺهيل پاڪستان مليو آهي، پ پ حڪومت سنڀالي ته نه چيو ته ڪيئن سڀ ٺيڪ ٿيندو، آمر صدر هجڻ جي باوجود پارلياماني حڪومت تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي، ڊڪٽيٽر امن تباهه ڪيو، اسان بحال ڪيو، زراعت کي هٿي وٺرائي، قرض وٺڻ جي ضرورت نه آهي، وزيراعظم عمران خان عوام سان جيڪي واعدا ڪيا هڪ واعدو پورو نه ڪيو، ليڊر کي عوام سان سوچي سمجهي واعدو ڪرڻ گهرجي، غلطي بيان سان ووٽ وٺڻ سان پارٽيون ختم ٿي وينديون آهن، جمعي جي نماز کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت هيٺ ٻيهر شروع ٿيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بحث جاري رهيو، بحث ۾ حصو وٺندي خورشيد شاهه چيو ته پيپلز پارٽي ڊالر جي قيمت تي برقرار رکيو هو ۽ ان جي دور ۾ پاڪستان ۾ زراعت جي ترقي جي شرح ۾ 13 سيڪڙو اضافو ٿيو هو، خورشيد شاهه چيو ته حڪومت جهڙي به بجيٽ پيش ڪري اپوزيشن تسليم نه ڪندي آهي، اپوزيشن جو حق آهي جيڪو ملڪي مفاد ۾ نه آهي ان جي مخالفت ڪجي، هن چيو ته حڪومت کي ٺهيل پاڪستان مليو آهي، هن چيو ته ڏک ٿئي ٿو ته اسان ڊيم ڊيم ڪري ڊيم کي سياست بڻايو، اسان جو چيف جسٽس ميدان ۾ نڪري آيو ته ڊيم بڻايو، ملڪ بچايو، بلڪل بڻايو، خورشيد شاهه چيو ته پاڪستان ۾ ڊيم نه بڻائي وڏي غفلط ٿي آهي، ڇو نه ڊيم بڻيو ۽ ڇاجي ڪري نه بڻيو ان جي پويان ڪهڙا سبب آهن اهي ڄاڻڻ لاءِ تيار آهيون پر اسان کي روڪيو ويو، ڊيم جو قصو هليو، اشتهار هلايا ويا، هاڻ به هلي رهيا آهن ته چندو ڏيو، ڪيترو پيسو مليو، لنڊن ويا اتي ڇا حشر ٿيو ته ڊيم ٺهندو، پ پ اڳواڻ چيو ته مون ان وقت جي چيف جسٽس کي چيو ته جيڪڏهن توهان سنجينده آهيو ته حڪومت کي گهرايو ۽ ان کي چئو ته بجيٽ، مني بجيٽ اجلاس ڪيو ۽ پي ايس ڊي پي تي ڊيم لاءِ جي ڊي پي جو 15 سيڪڙو رکي ڇڏيو ته ڊيم ٺهندو، خورشيد شاهه چيو ته ڊيم 10 ارب رپيا جمع ڪيا ويا، 11 ارب رپيا اشتهارن تي خرچ ڪيا ويا، جاچ ڪئي وڃي ته ڊيم فنڊ جا پيسا ڪهڙي اڪائونٽ ۾ رکيا ويا، هن چيو ته 1992 ۾ آدمشماري ساڍا 3 ڪروڙ هئي، هاڻ 22 ڪروڙ آهي، اکيون بند ڪري سوچي وٺو ته 30 سالن کانپوءِ اسان هن ملڪ ۾ پيادل گهمي سگهنداسين، هن چيو ته صحت جي بجيٽ گهٽ ڪري تعليم جي بجيٽ وڌائي وڃي، خورشيد شاهه چيو ته بجيٽ ۾ هائوسنگ اسڪيم لاءِ فنڊ رکيا ويا، خيال هو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ماڻهن کي 5 لک گهر ملندا، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان عوام سان جيڪي به واعدا ڪيا انهن مان هڪ واعدو پورو نه ڪيو، هن چيو ته حڪومت اهم ذميواري آهي ته آبادي ۾ واڌ واري مسئلي کي ڏسي، بجيٽ ۾ ان حوالي سان ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت جي اها به ذميواري آهي ته ملڪ جي حالتن کي غور سان ڏسي، هن چيو ته محترمه جي شهادت کانپوءِ صوبن ۾ باهه لڳل هئي، نفرت هئي، سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي لهر هئي، سوات مان پاڪستان جو جهنڊو لهي چڪو هو، هن چيو ته اسان ناڻي واري وزير کي تبديل ڪيو، اسان جي پارٽي جو فيصلو هو پر توهان ڇو 5 ناڻي وزير تبديل ڪيا، هن چيو ته پهريون ڀيرو آءِ ايم ايف وٽ ويا پر توهان ته 7 ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ ويا هيو، ڇا اهو عمل درست هو، هن چيو ته 70 سال ۾ توهان جي زراعت جي پاليسي ڪهڙي هئي، ڪهڙو فصل ڪٿي ٿيندو هو، توهان حتمي فيصلو نه ڪري سگهيو، هن چيو ته 70 سالن ۾ پهرين بجيٽ غريب عوام لاءِ بجيٽ آهي، سئو ارب جي رقم ان بجيٽ ۾ نوجوانن لاءِ رکي وئي آهي. هن چيو ته گيس بجلي، ريلوي، اسٽيل ملز، پي آءِ اي سميت ٻين کاتن جو خسارو ڇڏيا ويا آهن، زرتاج گل چيو ته صاف ٽوپي پائي قدرتي آفتون ختم نه ٿينديون، هن چيو ته پهريون ڀيرو لاهور کانسواءِ پنجاب جي ٻين ضلعن لاءِ سوچيو ويو، پهريون ڀيرو بجيٽ ۾ ڏکڻ پنجاب کي ياد ڪيو ويو، هن چيو ته ن ليگ جي لنڊن ياترا جا پيسا عوام جي کيسن مان کسيا ويا، برجيس طاهر بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته نواز شريف ملڪ مان دهشتگردي ۽ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو، جيڪڏهن پرويز مشرف جي خلاف انڪوائري ٿئي ها ته ملڪ ترقي جي رستي تي هجي ها، هن چيو ته بجيٽ ۾ آبادگارن کي رليف ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته بجيٽ پي ايم ايف جي ملازمن بڻايو، حڪومت بجيٽ لاءِ پنهنجو هڪ وزير قربان ڪري ڇڏيو، هن چيو ته بلوچستان ملڪ کي سي پيڪ ڏنو، گوادر آهي ته سي پيڪ آهي، هن چيو ته گوادر ۾ بجلي ڏني وڃي، 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آهي، خرم دستگير چيو ته قوم بيروزگاري ۽ مهانگائي مان تنگ ٿي چڪي آهي، هن چيو ته 10 مهينن ۾ 10 لک ماڻهو بيروزگار ۽ 40 لک غربت جي زندگي گذاري رهيا آهن، هن چيو ته 6 مهينن ۾ 40 ريلوي جا حادثا ٿيا آهن، هن چيو ته هن سال عوام 20 کرب رپيا گهٽ ٽيڪس ڏنو آهي، هن چيو ته 4 وڏن مافياز کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏني وئي، هن چيو ته اقتدار سنڀاليو ته معيشت تباهي جي ڪناري تي هئي، 18 هين آئيني ترميم اقليتن جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، پنهنجي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته اقيلتن جا فنڊ رکيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *