جاچ ڪميٽي ۾شامل آفيسر منهنجا دشمن آهن، حساس ادارن جي جي آءِ ٽي جوڙي وڃي: رائو انوار

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) نقيب الله قتل ڪيس ۾ نامزد معطل ايس ايس پي رائو انوار جاچ ٽيم تي الزام مڙهيندي کين پنهنجو دشمن قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هڪ بيان ۾ رائو انوار چيو ته جاچ ٽيم جي سربراهي ڪندڙ ثناءَ الله عباسي ۽ سندس مخالف ڪندڙ سي ٽي ڊي آفيسرن جا پنهنجا هٿ صاف نه آهن، سندن خلاف پڪيون شاهديون موجود آهن جيڪي جلد منظر تي آڻيندس. هن چيو ته جاچ ٽيم تي کيس خدشا آهن،  ڪيس بي بنياد آهي، حساس ادارن تي ٻڌل جي ءِ ٽي جوڙي وڃي. سندس چوڻ هو ته ڪجهه پوليس آفيسرن جي ساڻس دشمني آهي ۽ ذاتي بغض رکن ٿا، اهو ئي آفيسر نقيب الله جي وارثن کي گمراهه ڪري رهيا آهن. رائو انوار جو چوڻ هو ته ثناءَ الله عباسي ٻڌائي ته هن وقت تائين ڪيترا ڪامياب آپريشن ڪيا آهن، اڄ تائين سي ٽي ڊي جيڪي مقابلا ڪيا تنهن ۾ ڪيترائي اهلڪار مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا آهن.هن چيو ته اهو تاثر درست ناهي ته مان ذاتي حيثيت ۾ ڪو مقابلو ڪيو آهي، مان هڪ پروفيشنل آفيسر آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *