جاپان ۽ سنگاپور جا پاسٽورٽ دنيا جا سڀ کان مضبوط ۽ پاڪستان دنيا جو 5 نمبر ڪمزور پاسپورٽ قرار، فهرست جاري

واشنگٽن(م ڊ) جاپان ۽ سنگاپور جا پاسٽورٽ دنيا جا سڀ کان مضبوط ۽ پاڪستان دنيا جو پنجون نمبر ڪمزور پاسپورٽ قرار ڏنو ويو آهي. دنيا جي سفر لاءِ بهترين پاسپورٽ جي 2019ع جي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي. هينلي پاسپورٽ انڊيڪس ۾ جاپان ۽ سنگاپور جا پاسپورٽ پهرئين، ڏکڻ ڪوريا، جرمني ۽ فن لينڊ جا ٻئي ڊنمارڪ، اٽلي ۽ لگزمبرگ جا ٽئين، فرانس، سويڊن ۽ اسپين جا چوٿين، آسٽريا، هالينڊ ۽ پرتگال پنجين، ناروي، سوئزرلينڊ، برطانيا، آمريڪا، بيلجيم، ڪئناڊا، يونان، آئرلينڊ ڇهين، چيڪ، مالٽا اٺين، نيوزيلينڊ اٺين، آسٽريليا، لٿوانيا ۽ سلوواڪيا نائين، آئس لينڊ، هنگري، ليٽويا، سلووينيا ڏهين، ايسٽونيا يارهين، ملائيشيا ٻارهين، چلي، پولينڊ تيرهين، موناڪو، قبرص چوڏهين، گڏيل عرب رياستن جو پنڌرهين، رومانيا جو سورهين، برازين، ارجنٽينا بلغاريا جو سترهين، هانگ ڪانگ، ڪروئيشيا جو ارڙهين، سن مارينو جو اڻويهين ۽ انڊورا جو پاسپورٽ ويهين نمبر تي آهي. برونائي جو پاسپورٽ 21 هين نمبرتي، اسرائيل ۽ بارباڊوس جا 22 هين، ميڪسيڪو جو 23 هين، بهاماس، سينٽ ڪٽس جا 24 هين، يوروگوئي جو 25 هين، سيچلس جو 26 هين، ڪوسٽاريڪا جو 27 هين، اينٽيگا ۽ باربودا جو 28 هين، ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوباگو، ويٽيڪن سٽي جو 29 هين، ماريشس جو 30 هين، تائيوان، سينٽ لوسيا، سينٽ ونسنٽ جو 31 هين، گريناڊا، پيراگوئي جو 32هين، مڪائو جو 33 هين، پاناما جو 34 هين، ڊومينيڪا جو 35، پيرو جو 36، ايل سلواڊور، هونڊوراس جو 37 هين، وينزويلا، گئاٽيمالا جو 38 هين، سربيا، سموئا جو 39 هين، سولومن آءِلينڊ ۽ وينوآتو 40 هين، نڪارا گئا 41 هين نمبر تي آهي. روس جو پاسپورٽ 48هين، ترڪي جو 52 هين، ڏکڻ آفريڪا جو 53 هين، ڪويت 56 هين، قطر 57 هين، بحرين جو 63 هين، اومان جو 64 هين، ٿائيلينڊ جو66 هين، قزاقستان جو 68 هين، سعودي عرب جو 69 هين، چين ۽ ڪينيا جو 72 هين، انڊونيشيا، زمبيا جو 73 هين، تيونس جو 75 هين، آذربائيجان 76 هين، ڪيوبا ۽ فلپائين 77 هين، ڀارت 82 هين، تاجڪستان جو 84 هين، ازبڪستان 85 هين، ڀوٽان 89 هين، ويٽنام 90 هين، اردن، انگولا، مصر 92 هين، ميانمار 95 هين، سريلنڪا 96 هين، ڪانگو 97 هين، ايٿوپيا ۽ ڏکڻ سوڊان جو 97، ڪوسووو جو 98، ايران، بنگلاديش، اريٽيريا جو 99، اترڪوريا، لبنان جو 100 هين، نيپال جو 101، لبيا، فلسطين، سوڊان 102 هين، يمن 103، پاڪستان ۽ صوماليا 104 نمبر تي آهي. ان کان ڪمزور رڳو 105 نمبر تي شام، 106 تي عراق ۽ 107 تي افغانستان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *