جاپاني سفير جون آرمي چيف ۽ فواد چوڌري سان ملاقاتون، ٻه طرفن مثالي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبور ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان جاپاني سفير ڪني نوري متسودا ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي مثالي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ واري عزم جو اظهار ڪيو. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان لاءِ نئين نئين جاپاني سفير ڪني نوري متسودا جي ايڇ ڪيو راولپنڊي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان سندس ملاقات ٿي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ۽ علائقائي سيڪيورٽي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جاپاني سفير خطي ۾ ڇڪتاڻ واري ماحول کي گهٽائڻ لاءِ پاڪستاني ڪوششن جي واکاڻ  ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي مثالي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوطي ڏيڻ واري عزم جو اظهار پڻ ڪيو ويو. ان کان اڳ جاپاني سفير سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وزير فواد چوڌري سان به ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ ٽيڪنالوجي واري شعبي ۾ سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي . فواد چوڌري جو چوڻ هو ته اسان پاڪستان جاپان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان جي متعارف ڪرايل نيو اليڪٽرڪ ويزا پاليسي ۾ جاپان به شامل آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ پرڪشش ملڪ آهي. جاپان ٽيڪنالوجي جي لحاظ کان دنيا ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *