جان ابراهام ۽ شروتي هاسن جي ”راڪي هينڊسم“ 25 مارچ تي رليز ٿيندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نئين ايڪشن ۽ ٿرلر سان ڀرپور فلم ”راڪي هينڊسم“ 25 مارچ تي رليز ٿيندي.ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق نشي ڪانت ڪمت جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم جي ڪهاڻي ڏکڻ ڪورين فلم دي مين فرام نو ويئر تي ٻڌل آهي،جيڪا هڪ اهڙي شخص جي آهي،جيڪو ڊرگ مافيا سان ويڙهه لاءِ اڪيلو نڪري پوي ٿو. فلم ۾ جان ابراهام ۽ شروتي هاسن مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي. جڏهن ته ٻين اداڪارن ۾ نشي ڪانت ڪمت، شرد ڪيلڪر، نٿاليا ڪور ۽ ديا چلواڊ شامل آهن، ڄاڻايل فلم 25 مارچ تي سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *