جارحاڻي ملٽري ڊاڪٽرائن سبب خطي ۾ جديد هٿيارن جي اچڻ ۾ واڌ ٿي آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (بيورو)  صدر ممنون حسين چيو آهي ته جارحاڻي ملٽري ڊاڪٽرائن سبب خطي ۾ انتهائي جديد هٿيارن جي اچڻ ۾ واڌ ٿي آهي، جنهن سان طاقت جو توازن بگڙڻ جو خدشو آهي. اهڙين حالتن ۾ پاڪستان جي بچاءَ واريصلاحيت ۾ واڌ ۽ معاشي بهتري وقت جي اهم ترين ضرورت آهي، جنهن جي ذريعي اسان نه رڳو اندرين ۽ ٻاهرين چئلينجن کي منهن ڏئي سگهون ٿا پر قومي معيشت کي به مضبوط بڻائي سگهون ٿا. هن اڄ ڊفينس ايڪسپورٽ پروموشن آرگنائيزيشن جي اهتمام هيٺ دفاعي پيداوار ۽ روانگي واپار ۾ پرائيويٽ پبلڪ پارٽنرشپ جي موضوع تي ٻن ڏينهن جي سيمينار جو افتتاح ڪندي چئي. ان موقعي تي دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير رانا تنوير حسين، ڊائريڪٽر جنرل ڊفينس ايڪسپورٽ آرگنائيزيشن ميجر جنرل آغا مسعود اڪرم ۽ انٽرنيشنل اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز اسلام آباد سينٽر  جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر علي سرور نقوي به خطاب ڪيو. صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستان جون دفاعي مصنوعات عالمي معيار جي مطابق آهن پر ناڪافي مارڪيٽنگ ۽ ٻين مسئلن سبب صلاحيت جي مطابق ان جي برآمدات نه ٿي رهي آهي، هن چيو ته ان مسئلي جو حل هي آهي ته سرڪاري شعبو نوان تصور ۽ ڪاروباري طور طريقا اختيار ڪري ۽ نجي شعبي جي تجربن مان فائدو کڻي. هن چيو ته دفاعي پيداوار جي مختلف شعبن ۾ نجي شعبي جي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ ترڪي جي تجربن مان به فائدو کڻڻ گهرجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سيمينار وسيلي سرڪاري ۽ نجي شعبي جي سهڪار جي مختلف رخن جو جائزو وٺي دفاعي برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ ٺوس تجويزون ملي سگهنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *