جائز مطالبا مڃينداسين، مڪاني چونڊون ٿين ها ته ماڻهن کي بني گالا اچڻ جي ضرورت نه هئي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) عمران خان بني گالا ۾ پنهنجي رهائشگاهه ٻاهران گيس، پاڻي ۽ بجلي فراهم نه ڪرڻ خلا فاحتجاج ڪندڙ ڪرڪ ضلعي جي رهواسين کي مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو هن چيو ته جيڪڏهن اوهان جو ڪو جائز مسئلو صوبائي حڪومت حل نه ڪري ته ايترن ماڻهن کي هتي اچڻ جي ضرورت نه هئي عمران خان جي يقين ڏيارڻ بعد مظاهرين ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، خيبرپختونخواهه جي شهر ڪرڪ ۾ گيس، پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي ۽ تيل جي رائٽي نه ملڻ تي  ڪرڪ مان آيل مظاهرين گذريل رات کان عمران خان جي رهائشگاهه سامهون ڌرڻو هڻي ويٺل هئا مظاهرين جو چوڻ هو ته مسئلن جي حل لاءِ جيستائين عمران خان يقين نه ڏياريندو ڌرڻو ختم نه ٿيندو، جنهن کانپوءِ عمران خان منجهند جو هڪ وڳي مظاهرين سان ملڻ آيو ۽ خطاب ڪيو، مظاهرين کي خطاب دوران تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ هو ته اسان ڌرڻو ان لاءِ هنيو هو ته عوام پنهنجن حقن لاءِ اٿي خوشي آهي ته اوهان پنهنجن مطالبن لاءِ هيستائين آيو هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام جا سمورا جائز مطالبا حل ڪنداسين ناجائز مطالبن لاءِ جيترا به ماڻهو وٺي اچو اهي ڪڏهن به پورا نه ٿيندا، عمران خان چيو ته گيس چوري ڪرڻ وارن کي به پڪڙڻو آهي هن چيو ته ڇنڇر تي ڪرڪ جي نمائندن سان ميٽنگ ڪنداسين عمران خان مظاهرين کي چيو ته اوهان پنهنجن مسئلن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ 4 ماڻهو به موڪليو ها ته مان ان جي ڳالهه ٻڌا ها عمران خان چيو ته آئل ريفائنري جي حوالي سان به اوهان کي خوشخبري ڏينداسين ماڻهن کي روزگار ملندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *