ثناءُ مير ملڪ جو نالو روشن ڪري ورتو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ جڳ مشهور رانديگرياڻي ثناء مير دنيا جي ڪامياب/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 01

ترين اسپنر بڻجڻ کان هڪ وڪيٽ جي فاصلي تي آهي.  ثناء مير گڏيل طور تي دنيا ۾ سڀ کان گھڻيون وڪيٽون حاصل ڪندڙ اسپنر بڻجي وئي آهي. ثناء جي رڪارڊ ساز ڪارڪردگي باوجود پاڪستان کي ٻي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا هٿان شڪست  جو منهن ڏسڻو پيو.  ثناء مير ڏکڻ آفريڪا جي شهر پوشٽروم ۾ ٻي ون ڊي انٽرنيشنل جي موقعي تي تاريخ لکي ڇڏي، هن ڏکڻ آفريڪا جي اينڊري اسٽين جي وڪيٽ وٺي ون ڊي ۾ 146 ٽارگيٽ مڪمل ڪيا.  ويسٽ انڊيز اسپنر انيسا محمد ۽ آسٽريليا جي ليسا استاليڪر به 146،146 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن. سيريز جي آخري ميچ ۾ ثناء مير هڪ وڪيٽ  اڃا حاصل ڪري وومن ون ڊي جي ڪامياب ترين اسپنر جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري سگھي ٿي.  ٻي ون ڊي ۾ پاڪستاني وومين ٽيم اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 147 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. آخري پنج وڪيٽون هڪ رنز تي ڪري پيون.  پاڪستان طرفان ناهيد خان 37 ۽ بسمعا معروف 32 رنسون ٺاهي نمايان رهيون. ميزبان ٽيم جي ماسا باتا ڪلاس هيٽ ٽرڪ ڪئي ۽ 27 رنسن ڏئي ٽئي وڪيٽون حاصل ڪيون.  هن عاليا رياض، سدرا نواز ۽ عميما جون وڪيٽون حاصل ڪيون، جواب ۾ ڏکڻ آفريقا جي وول وارڊٽ 74 رنسون ٺاهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *