ثناءَ مير پاران قومي وومين ٽيم جي قيادت ڇڏڻ جو اعلان

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي وومين ٽيم جي ڪپتان ثناءَ مير قيادت ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سوشل ميڊيا تي جاري هڪ کليل خط ۾ قومي وومين ٽيم جي ڪپتان ثناءَ مير ٽيم جي ڪوچ صبيح اظهر جي رپورٽ ميڊيا تي اچڻ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڊيانا بيگ کي ٽيم ۾ شامل نه ڪرڻ تي ڪوچ سان اختلاف شروع ٿيا، پيسر سُٺي رانديگر هئي، ان کي ٽيم ۾ حصو ملڻ گهرجي ٿا، مون کي پنهنجي فيصلي تي ڪنهن به قسم جو پڇتائو ناهي، ورلڊ ڪپ ۾ ۴ ميچن ۾ يقينن فتح حاصل ڪري وٺون ٿا، پر سڀ جون سڀ هارائي ويٺيوسين، ٽيم ۾ اسپينرز جي گهٽتائي هئي، ثناءَ مير چيو ته منهنجي ترجيح هئي ته ان حوالي سان ميڊيا تي ڪنهن به قسم جي ڪا ڳالهه نه ڪيا، پر ڪوچ جي ڳجهي رپورٽ منظر عام تي اچڻ کانپوءِ اهڙو فيصلو ڪيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *