لاهور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي اسپنر ثقلين مشتاق کي گڏيل عرب امارات ۾ شيڊول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪوچنگ پينل ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي. اڳوڻو ڪرڪيٽر هن وقت نيوزيلينڊ سيريز لاءِ گرين شرٽس جي عبوري ڪوچ طور تي ڪم ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته مصباح الحق ۽ وقار يونس عهدا ڇڏيا هئا.