لاهور اندر ٿيل خدڪشي ڌماڪي کانپوءِ اعليٰ صطح جو هڪ اجلاس ڪيو ويو هو،سياسي ۽ عسڪري قيادت دهشتگردن ۽ سندن نظرين کي ڪچلڻ تي ڪيل اتفاق مان سمجهان ٿو ته سٺِي ڳالهه آهي ۽ سٺو نظريو آهي. خد ملڪ جي وزيراعظم ميان نواز شريف به چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. آپريشن جو سلسلو وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. وزيراعظم نواز شريف جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس دوارن چيو ويو آهي ته. دهشتگردن کي ٻيهر اٿڻ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگردي جا بيان رد ٿي چڪا آهن، صرف امن، استحڪام ۽ خوشحالي جو بيان ئي ڇانئجي چڪو آهي. دهشتگردي جا تازا واقعا حڪومت جي ڀرپور ڪارروائي جو رد عمل آهن، ڪراچي، فاٽا ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، اڃا وڌيڪ بهتري ايندي.مان نواز شريف جو اهو بيان صبح جو ڪالهه واري اخبارن ۾ ڇپيل پڙهي ته شام جو 7لڳي45منٽن تي سنڌ جي سرزمين قلندر جي نگري ۾ ڪهرام مچي ويو.جنهن ڪهرام ۾ 100کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا هئا ۽ سوين جي تعداد ۾ زخمي هئا.
سيوڻ سنڌ جي لال قلندر جي نگري رت سان لال تي وئي هر طرف ڪهرام متل هوُ هر طرف هٽو بچو جو هوش هو،هن ديس اندر جتي بم ڌماڪا روز جو معمول بنجي چڪا آهن اتي انهن لاشن کي ميڙڻ وارا گهٽجي ويا آهن،جڏهن قلندر جي نگري رت سان رنڱجي وئي هئي ته ان وقت پاڪستان جي ريسڪيو ادارن به ڪا ڪسر نه ڇڏي خدڪش حملي ۾ جتي سنڌ جي عوام جون معصوم 100جانيون ضايع ٿي چڪيو هنيون اتي ڪيترائي سوين ماڻهن زخمي ٿي چڪا هئا جن جي اسپتال پهچائڻ ۽ زخمن تي مرحم لڳائڻ لاءِ حڪومت سنڌ کي جهڙي ريت خدمتون ڪرڻيون هنيون اهڙي ريت سنڌ سرڪار پنهنجي ڊيوٽي سرانجام نه ڏئي سگهي،پاڪستان اندر خدڪش حملا هاڻ روز جو معمول ٿي چڪو آهي،ان ڪري پهرين ته سنڌ حڪومت کي انهن حملن کان بچڻ ۽ انهن خلاف اپاءُ وٺڻ لاءِ سرڪاري سموري ادارن سميت وڏن مرڪزي مسجدن امام بارگاهن ۽ الله جي اولياءُ ولين جي درگاهن تي سڪيورٽي کي سخت ڪرڻي گهرجي ها ته افسوس جو سنڌ حڪومت اهڙي ڪنهن به ٿيندڙ واقع کان بي خبر هئي،۽ اهو ٿيو جنهن جو سنڌ واسين کي خوف هو ڊپ هو،سيوهڻ جي سرزمين رت سان لال ٿي انهي جو ڪنهن کي ذهن گمان ئي نه هوُ پر اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته انهن کان بچاءُ سنڌ سرڪار وٽ ڪهڙا اپاءُ هئا،سنڌ صوبي جي خاص طور تي انهن شهرن جن جي آبادي ايتري وڏي ناهي انهن شهرن اندر جيڪڏهن انساني زندگيون مظبوط ناهن ته پوءِ ڪئي ٿو چئي سگهجي ته سنڌ جا اهي شهر محفوظ ٿي سگهن ٿا جن جي آباد تمام گهڻي ڪروڙن ۾ آهي،سنڌ جو شهر سيوهڻ جنهن کان ڪير واقف ناهي،پر جيڪڏهن اهو سيوهڻ رت سان لال ٿي ته پوءِ سنڌ جو ٻيو ڪهڙو شهر محفوظ ٿي سگهي ٿو،انڪري مان سمجهان ٿو ته پاڪستان جي ڪيترن علائقن ۾ ڏينهون ڏينهن وڏي تيزي سان طالبنائيزيشن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.
سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان هن افسوسناڪ ۽ تباه ڪُن لهر جو رُخ موڙي سگهندو؟ حالت ايتري تيزي سان خراب ٿي رهيا آهن جن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته اڪستاني سرڪار هن لهر کي قابو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي. پاڪستان سميت سنڌ جا سمورا علائقا، جنهن ۾ اُتر لاڙ شامل آهن جيڪي پڻ، طالبانن جي اثر هيٺ اچي ويا آهن،۽ هاڻ ته سنڌ ۾ به طالبان جا حمايتي پيدا ٿي رهيا آهن. هاڻ محسوس ٿي رهيو آهي ته ملڪ جون سياسي ۽ حڪومتي تنظيمون ٻُڏتر جو شڪار ٿي رهيون آهن ۽ هنن وٽ ڪٽڙ اسلامي ٽولن جي حملن کي روڪڻ لاءِ ڪو خاص پاليسي ناهي. پر جيڪڏهن پاڪستان هن مشڪل کي مضبوط ارادي ۽ سنجيدگي سان حل ڪرڻ چاهي ٿو ته اڃان به هن وٽ گهڻا ئي موقعا آهن،
قلندر شهباز جي مزار تي ٿيل حملي جي زميواري ڀلي ڪير به قبولي پر مان سمجهان ٿو ته انهي حملي جي پٺيان ڪٿي نه ڪٿي انهي ئي دهشتگرد تنظيمن جو هٿ آهي جيڪي پاڪستاني جي سرزمين تي دهشتگردي ڪري پاڪستان جي عوام جو بي رت وهائڻ ٿا چاهين،جڏهن ته سندن انهن ظالم جون پاليسيون ئي ظالم آهن،پر حڪومت طرفان انهن جي خلاف اڃان تائين جيڪي ڪاروائيون ٿيون آهن، اهي انهن جو خاتمو آڻڻ جي ارادي سان نه پر نالي ماتر ڪيون وڃن ٿيون. فوج ۽ ڪجهه ٻين طاقتن کي ڪجهه ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن پر فوجين کي هڪ مشڪل آهي معني طالبان “ماريو ۽ فرار ٿيو“ واري گوريلا پاليسي استعمال ڪندا آهن. اُهي سرڪاري اهلڪارن جي همت ختم ڪرڻ لاءِ به ڪاروائيون ڪندا آهن جيئن سيڪيورٽي بسين کي تباه ڪرڻ، سيڪيورٽي ڪمانڊوز جي باورچي خاني تي آپگهاتي حملا ڪرڻ، فوجي جرنيلن جي گهرن آڏو آپگهاتي بم حملا ڪرڻ ۽ سندن مخالفن سان همدردي رکندڙن کي نشانو بڻائڻ،مسجدن ۽ ولين جي درگاهن تي حملا ڪرڻ ۽ پنهنجي هر ڪاروائي کي مذهبي رنگ ڏيڻ، پنهنجي مخالفن جي دلين ۾ خوف پيدا ڪرڻ جنهن مان هو اهو ظاهر ڪرڻ ٿا چاهين ته اسين ڪڏهن به ڪٿي به حملو ڪري سگهئون ٿا ۽ ڪو به اسان کان محفوظ ناهي،سيوڻ حملي جي پيرا ڪيڏا به وڃن پر مان سمجهان ٿو ته جتي سنڌ سرڪار جو پاڪستان اندر وڌندڙ دهشتگرد جي حوالي سان روڪڻ جو سوال آهي ته سيوڻ درگاهه جي گادي نشين مهدي شاهه جو اهو به چوڻ هو ته ايڏي وڏي درگاهه تي صرف ٻه پوليس اهڪار شامل هئا جيڪا سراسر سر سنڌ حڪومت جي اناهلي جو ثبوت آهي.