ثقافت کاتي جي صوبائي وزير حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جو افتتاح ڪري ڇڏيو

حيدرآباد ( هه آ)  صوبائي وزير سياحت ۽ ثقافت  شرميلا  فاروقي چيو آهي  ته   ملڪ  کي هن وقت  دهشتگردي، فرقيواريت ، بدامني، غربت سميت  ڪيترا ئي  مسئلا درپيش آهن  جن جو  واحد  حل  حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي  رح    ۽  صوفي  بزرگن جي  امن  محبت  ۽  ڀائيچاري  واري  پيغام  ۾ ئي  آهي  ۽ اها وقت جي اولين ضرورت آهي  ته اسين انهن صوفي  بزرگن جي  پيغام ۽ درس کي  عالمي سطح تي  اجاڳر ڪري  دنيا مان  افرا تفري  جو خاتمو آڻي    مذهبي رواداري  امن وارو ماحولقائم ڪيون  هن اهڙو اظهار اڄ ڀٽ شاهه ۾ حضرت  شاهه عبداللطيف ڀٽائي  رح  جي درگاهه  تي  گلن جي چادر چاڙهي  شآهه صاحب جي  271 هين  عرس مبارڪ  جو افتتاح ڪرڻ  بعد صحافين سان  ڳالهائيندي  ڪيو  صوبائي وزير ثقافت  شرميلا  فاروقي  وڌيڪ چيو  ته  حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي  رح  بنا  ڪنهن رنگ نسل ۽ مذهبي  تفريق جي  امن  ۽ محبت  جو  پيغام  ڏنو  ۽ هن درگاهه تي  امير  توڙي  غريب  عقيدت  سان اچي  ٿو  هن چيو ته  ملڪ جي  موجوده سياسي  توڙي  معروضي  حالتن ۾ سنڌ ڌرتي جي صوفين  جي امن  واري  پيغام  جي سخت ضرورت آهي  ان سان  معاشري  ۾ برداشت ۽ رواداري واري  رجحان کي  هٿي وٺرائڻ سان  گڏ و گڏ  سماج ۾  مثبت سوچ پڻ جنم وٺندي  هڪ سوال تي  هن چيو ته  سڄي صوبي جي ڀيٽ  ۾ ڪراچي  جي امن  امان جي حوالي سان ڪراچي جي صورتحال  غير معمولي آهي  جنهن کي  منهن ڏيڻ لاءِ  سنڌ حڪومت  سمورين  سياسي پارٽين جي اتفاق  راءِ سان  ٽارگيٽيڊ آپريشن  شروع ڪيو  جنهن جا هن وقت تائين مثبت نتيجا سامهون آيا آهن  هن ٻڌايو ته  ڄاڻايل آپريشن ۾  ڪيترائي  ٽارگيٽ ڪلر گرفتار ڪيا ويا آهن جن کي سزائون پڻ  ڏنيون ويون آهن  جڏهن ته اڳوڻين  حڪومتن ۾ اهي ٽارگيٽ  ڪلر  پي رول تي آزاد  ڪرايا ويندا هئا  پر پ پ پ  حڪومت  اهڙن ڏوهاري  عنصرن کي سندن انجام تائين  پهچايو آهي هن  وڌيڪ چيو  ته فرقيواريت دهشتگردي سميت ٻيا ڪيترائي  مسئلا  درپيش آهن  ۽  انهن مسئلن  جو حل امن  ۽ ڀائيچاري  واري  جذبي ۾ ئي  آهي  ان کان اڳ  ڀٽ شاهه آمد وقت  صوبائي وزير  درگاهه تي  گلن جي چادر چاڙهي 271 هين عرس  مبار  جي 3 ڏينهن وارين  تقريبن جو باقائده  افتتاح  ڪيو  ۽ فاتح خواني  پڻ ڪئي  بعد ۾  صوبائي وزير شرميلا فاروقي  چوپائي  مال واري  کاتي  حڪومت  سنڌ طرفان ڀٽ شاهه ۾ لڳايل  جانورن جي نمائش  ۽ زراعت  کاتي حڪومت سنڌ طرفان لڳايل  صنعتي ۽ زرعي  نمائش  جو افتتاح پڻ ڪيو     ۽ مختلف  کاتن  طرفان لڳايل اسٽالن جو دورو پڻ ڪيو  ان موقعي تي صوبائي وزير  جانورن جي  نمائش  مختلف نسلن جون  ٻڪريون،  ڍڳيون  ۽  مينهون ڏٺيون جڏهن ته   جانورن جي  بهتر سار سنڀال  تي  ڀاڳين جي ساراهه ڪئي.  ان کان  علاوه زرعي ۽ صنعتي  نمائش ۾ آبادگارن لاءِ  لڳايل  اسٽالن تي  جديد زرعي اوزارن ۽ مشينري جي  واکاڻ ڪئي  ۽  لاڳاپيل کاتن کان  انهن جي ڪارڪردگي  بابت معلومات  پڻ ورتي  ان  موقعي تي صوبائي وزير شرميلا  فاروقي  ڳالهائيندي   چيو ته سنڌ  جي اڪثر  آبادي  جو ذريعه  معاش  زراعت   ۽ چوپايو  مال آهي  ۽ سنڌ حڪومت  انهن ٻنهي  شعبن کي  ترقي  وٺرائڻ لاءِ  پرڏيهي ملڪن سان  ڪيترائي  معاهدا ڪيا آهن  ۽  زراعت جي شعبي ۾ جديد  مشينري ۽ فني  معاونت فراهم ڪري  زرعي  پيداوار  وڌائڻ  جا  موقعا  فراهم ڪيا آهن  ته  جيئن  زراعت سان  لاڳاپيل  ماڻهن جي  معيار زندگي  بلند  بڻائي سنڌ اندر  هيٺين سطح تي خوشحالي آڻي سگهجي  ان موقعي تي  وڏي وزير جو صلاحڪار سرفراز راڄڙ ، سيڪريٽري ثقافت  اعجاز ميمڻ ،  ڊائريڪٽر  جنرل ثقافت  منظور احمد قناسرو،  ڊپٽي  ڪمشنر  مٽياري  فياض حسين عباسي ،  ايس ايس پي مٽياري  امجد علي شيخ ،  پ پ پ  اڳواڻ  خان محمد سهتو، عبدالعزيز ميمڻ  ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ  هئا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *