ثانيه مرزا جون ڪاميابيون برقرار، يو ايس اوپن ٽينس وومينز ڊبلز جي فائنل ۾ پهچي وئي

نيويارڪ (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا ۽ سندس سوئس جوڙيدار مارٽينا هنگس پنهنجي بهترين ڪارڪردگي سبب يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي وومينز ڊبلز جي فائنل ۾ پهچي ويون آهن، هن سيمي فائنل ميچ ۾1

سيرا ايراني ۽ فلاديا پيني پٽا تي ٻڌل اٽالين جوڙي کي هارائي ٽورنامينٽ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو، تفصيل مطابق آمريڪا ۾ هلندڙ سال جي چوٿين ۽ آخري گرينڊ سلام ٽينس ٽورنامينٽ ۾ کيڏيل وومينز ڊبلز جي پهرين سيمي فائنل رائونڊ ميچ ۾ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا ۽ سندس جوڙيدار مارٽينا هنگس بهترين راند کيڏندي سيرا ايراني ۽ فلاويا پيني پٽا تي ٻڌل اٽالين کي اسٽريٽ ٽينس ۾ 4-6 ۽ 1-6 تان هارائي ميگا ايونٽ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *