ميلبورن (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا ۽ مارٽينا هنگس ڪاميابيون برقرار رکندي آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ وومينز ڊبلز جي سيمي فائينل ۾ پهچي ويون. ثانيا ۽ هنگس ڪوارٽر فائينل ۾ گرونفيلڊ ۽ وانڊي ويگي جي جوڙي کي مات ڏني. ميلبورن پارڪ، آسٽريليا ۾ هلندڙ سال جي پهرين گرينڊ سلام ٽينس ٽورنامينٽ جي سلسلي ۾ کيڏيل وومينز ڊبلز ايونٽ جي ڪوارٽر فائنل ۾ ڀارت جي ثانيا مرزا ۽ سندس سوئس جوڙيدار مارٽينا هنگس شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي گرونفيلڊ ۽ وانڊي ويگي جي جوڙي کي دلچسپ مقابلي کان پوءِ مات ڏئي سيمي فائينل ۾ پهچڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. سيمي فائينل ۾ ثانيا ۽ هنگس جو مقابلو جوليا جارجرز ۽ پلسڪووا سان ٿيندو.