ثانيا مرزا جي بنا اجازت ويڊيو ٺاهيندڙ تي سخت تنقيد

مانچسٽر (اسپورٽس نيوز ) ڀارتي ٽينس اسٽار ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي گهرواري ثانيا مرزا جي هوٽل تي دوستن سان گڏ سامهون/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 01

ايندڙ ويڊيو تي تنقيد کان پوءِ ثانيا مرزا سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت هٿان پاڪستان جي شڪست تي ثانيا مرزا ۽ شعيب ملڪ جي ٽيم جي ٻين رانديگرن سان گڏ هوٽل تي موجودگي جي ويڊيو سامهون آئي جنهن تي ڪرڪيٽ شوقين ۽ ڪجهه اڳوڻن ڪرڪيٽرن طرفان سخت تنقيد ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته شعيب ملڪ اهم ميچ کان هڪ رات اڳ ميچ جي ڳڻتي ڪرڻ بدران ٻاهر تفريح ڪندو رهيون.ان ڏس ۾ ثانيا مرزا پنهنجي ٽوئيٽر تي بيان ۾ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ويڊيو بنا اجازت ٺاهي وئي ۽ ان ۾ اسان جي ذاتي زندگي جو  به خيال نه ڪيو ويو ، جڏهن ته ان موقعي تي اسان جو ٻار به گڏ هو. شعيب ملڪ جي گهرواري دلچسپ تبصرو ڪندي چيو ته ميچ هارائڻ کان پوءِ ماني کائڻ جي اجازت هوندي آهي، هن ويڊيو ٺاهيندڙ کي اڳتي بهتر مواد ڳولڻ جي به مشورو ڏنو.ٻئي پاسي برطانوي ماهرن جو چوڻ آهي ته برطانيا ۾ ٻارن کي شيشي ڪيفي وٺي وڃڻ ڏوهه آهي، جنهن تي والدين کي سخت سزا به ٿي سگهي ٿي. ماهرن وڌيڪ چيو ته ڪلب عوامي هنڌ آهي ۽ عوامي هنڌ تي ڪنهن جي به ويڊيو ٺاهي سگهجي ٿي، وائرل ويڊيو ۾ ثانيا مرزا سان گڏ سندس مڙس شعيب ملڪ، وهاب رياض، امام الحق ۽ ٻيا پاڪستاني رانديگر نظر اچي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *