ثابت ٿي ويو ته ملڪ پوئتي وڃي رهيو آهي، هن حڪومت جو بار ڪير نه کڻي سگهندو: فضل الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وفاقي حڪومت جي اتحادي پارٽين ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ مسلم ليگ ق کي خير خواهي جو پيغام ڏئي ڇڏيو. حڪومتي اتحاد ۾ شاملايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد اپوزيشن اتحاد جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي. اسلام آباد ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته چئن سالن ۾ ثابت ٿي ويو ته ملڪ پوئتي وڃي رهيو آهي، هن حڪومت جو بار ڪير نه کڻي سگهندو. فضل الرحمان چيو ته حڪومتي اتحادي پارٽين کي اسان خير خواهي جو پيغام ڏئي سگهون ٿا، فيصلو کين پاڻ ڪرڻو آهي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته سموري قوت سان مڪاني چونڊون وڙهڻ چاهيون ٿا ته جيئن انهن کي شڪست ڏئي سگهون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *