تڪ جا ماڻهو بيوفائي نٿا ڪري سگهن، ڪابينا ڇو نه جوائن ڪئي، ڪجهه ڏينهن ۾ ٻڌائيندس: چوڌري نثار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): ن ليگ اڳواڻ چوڌري نثار چيو آهي ته منهنجي تڪ جا ماڻهو مون سان بيوفائي نٿا ڪري سگهن، روات ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته منهنجي تڪ جي ماڻهن منهنجي هڪ آواز تي منهنجي عزت ۽ مان رکيو، هن چيو ته تڪ جي ماڻهن بار بار مون کي چونڊيو، اها منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، هن چيو ته پوٽوهار جي مٽيءَ ۾ غيرت ۽ حياءُ آهي، 2002 کان نه 1985 کان منهنجو مان هن خطي جي ماڻهن رکيو آهي، ماڻهن کي خبر ناهي پئجي رهي ته سچ ڪير ڳالهائي رهيو آهي ۽ ڪوڙ ڪير ڳالهائي رهيو آهي، اسان جا مخالف 8 سال اقتدار ۾ رهيا، ڪو هڪ ميگا پراجيڪٽ ڏيکارين، پوري پاڪستان ۾ ترقي جون نيون راهون کليون آهن، ن ليگ جي حڪومت ايندي آهي ته ملڪ ۾ ترقي ٿيڻ لڳندي آهي، هن چيو ته گذريل دورن ۾ ڪو ترقياتي ڪم نه ٿيو، اسان پنهنجي جهيڙن ۾ آهيون، هڪ ٻئي کي گارين ۾ مصروف آهيون، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وضاحت ڪندس ته ڪابينا ۾ ڇو شامل نه ٿيس، هن چيو ته مان پنهنجي تڪ ۾ هر هر ايندس، عزت عهدن ۾ ناهي هوندي، ڪردار ۾ هوندي آهي، اصل وفاداري اها آهي ته ليڊر جي سامهون سچ ڳالهايو وڃي، ڪنهن کي سٺي ڳالهه لڳي نه لڳي، اها ڳالهه ڪندو رهندس، اسان کي سڀ کان پهرين پارٽي کي مضبوط ڪرڻو آهي،  هن چيو ته ملڪ ۾ حڪومتن کي خوش آمد ڪلچر کائي ويو آهي، ملڪ ۽ پارٽي کي مشڪل حالتن مان ڪڍڻو آهي، مشڪل ترين وقت ۾ پارٽي کي ۽ ملڪ کي مشڪل حالتن مان ڪڍڻو آهي، گو گو وارا نعرا نه لڳايو، پارٽي کي مضبوط ڪريو، چوڌري نثار چيو ته پاڻ کي پاڪستان جو خوش قسمت ترين شخص سمجهان ٿو جو عوام مون سان گڏ آهي، هن چيو ته نواز شريف کان وزيراعظم جو عهدو ته ورتو ويو پر ليڊري ڪير نٿو وٺي سگهي، نواز شريف جي قيادت ۾ پارٽي قائم رهندي، هن چيو ته ملڪ خطرن ۾ گهيريل آهي، پر گار گند جي سياست ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *