تڪرارن کان پاڪ ڏکڻ ايشيا اسان جو ويزن آهي،سمورا ملڪ جهالت،غربت ۽ خوراڪ جي کوٽ خلاف گڏجي مقابلو ڪن: نواز شريف

اسلام آباد/ڪولمبو (بيورو/اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف جي سريلنڪا جي ٽن ڏينهن جي دورن دوران اٺن معاهدن ۽ يادداشتن تي صحيحون ٿيون تفصيل مطابق دوري جي ٻئي ڏينهن صدارتي محل پهچڻ تي وزيراعظم نوازشريف جو شاندار استبقل ڪيو ويو وزيراعظم کي توبن جي سلامي ڏني ويئي جڏهن ته فوجي دستي وزيراعظم کي سلامي پيش ڪئي صدارتي محل پهچڻ تي سريلنڪا جي صدر مٿري پالاسري سينا وزيراعظم نوازشريف جو شاندار اسقتبال ڪيو جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن ۾ وفدن جي سطح تي ملاقاتون ٿيون ملاقاتن ۾ ٻطرفو لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون ملاقات کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ 8 مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيهحون ٿيون پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ دهشتگردن جي مالي معاونت روڪڻ لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون جڏهن ته ٻين معاهدن تي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي صحت تجارت دفاعي پيداوار ۽ جيولري جي شعبي ۾ تعاون شامل آهي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ جي ايف 17 ٿنڊر ڏيڻ جو ٺاهه ٿي ويو،جنهن جي هيٺ سريلنڪا 8 جهاز وٺندو. پاڪستان سريلنڪا جي وچ ۾ ايف ٿنڊر جهاز جي وڪري تي سڀئي معاملا طئي ٿي ويا آهن،جنهن جي هيٺ پاڪستان سريلنڪا کي جي ايف ٿنڊر جهاز وڪڻندو ۽ ان سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو. ٺاهه ۾ طئي ٿيو آهي ته سريلنڪا پاڪستان کان 8 جي ايف ٿنڊر 17 جهاز وٺندو.ٻئي پاسي سرڪاري خابرو اداري مطابق ڪولمبو ۾ هڪ تقريب ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ بچاءَ،سلامتي،دهشتگردي،واپار،سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن سان لاڳاپيل 8 ٺاهن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي به صحيح ٿي آهي،جڏهن ته ٺاهن تي صحيح دوران تقريب ۾ وزيراعظم نوازشريف ۽ سريلنڪا جو صدر ميٿري پالا سري سينا به موجود هو.ان موقعي تي وزيراعظم نوازشريف جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار لاءِ گهڻا موقعا موجود آهن ۽ ساليانو واپاري هدف هڪ ارب ڊالر تائين وڌايو ويندو.سندس چوڻ هو ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ سريلنڪا سان سهڪار ڪري رهيو آهي ۽ ٻئي ملڪ دهشتگردن جي مالي سهڪار کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا.وزيراعظم نوازشريف جو چوڻ هو ته  علائقائي معاملن تي سريلنڪا ۽ پاڪستان ساڳيو ئي موقف رکن ٿا،ان ڪري ٻئي ملڪ ٻه طرفا لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جوارادو رکن ٿا،جڏهن ته منهنجو سريلنڪا جو دوروٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن جو چٽو ثبوت آهي.وزيراعظم نوازشريف چيو ته پاڪستان سريلنڪا کي واپار لاءِ بهتر ملڪ قرار ڏيڻ لاءِ تيار آهي.وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته تڪرارن کان پاڪ ڏکڻ ايشيا اسان جو ويزن آهي جتي سمورا ملڪ جهالت، غربت ۽ خوراڪ جي کوٽ جهڙن گڏيل دشمنن جي خلاف گڏجي مقابلو ڪن، اسان کي ڏکڻ ايشيا کي اسٽريٽجڪ استحڪام ۽ خطي جي بهتري لاءِ تعاون ۽ ڳالهين جي ضرورت آهي. اڄ اڱاري ڏينهن هتي لڪشمن قادر گمار انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل رليشنز اينڊ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ پاڪ سريلنڪا لاڳاپن تي دانشورن، پارليامينٽرين ۽ سفارتڪارن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ڏکڻ ايشيا جا ملڪ عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڻ کي بهتر طريقي سان تيار ڪن. محمد نواز شريف چيو ته ڇڪتاڻ نه پر تعاون منهنجي حڪومت جي پاليسي آهي ۽ آئون ڏکڻ ايشيا جي سمورن ملڪن سان هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ تي يقين رکان ٿو. هن چيو ته مون ڀارت سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن ۾ جنرل اسيمبلي جي فورم تي مون پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پرامن لاڳاپن جي بحالي لاءِ چار نقاطي ايجنڊا پيش ڪئي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته هو گذريل مهيني ڀارتي وزيراعظم جي افغانستان کان واپسي تي لاهور جي دوري تي پڻ تمام گهڻو متاثر ٿيو. ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي سيڪريٽري اسلام آباد ۾ ملاقات ڪندا. افغانستان جو ذڪر ڪندي هن چيو ته پاڪستان سمجهي ٿو ته هڪ پرامن افغانستان اسان جي مفادن ۾ آهي. هن دهشتگردي کي ٻنهي ملڪن جو گڏيل دشمن قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغان عوام ۽ افغان حڪومت تي ٻڌل مفاهمتي عمل جي لاڳيتو حمايت ڪئي آهي ۽ افغان حڪومت ۽ طالبان جي وچ ۾ امن ڳالهين جي بحالي لاءِ حمايت جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم چيو ته منهنجي حڪومت حقيقي جمهوريت جي پيروي ڪري رهي آهي ۽ ٺوس ترقي جي چئن پروگرامن تعليم جي فروغ، انتهاپسندي جي خاتمي، توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۽ معاشي استحڪام تي ڌيان ڏنو آهي. هن چيو ته سمورين حڪمت عملين تي انتهائي شفافيت ۽ منصفاڻي انداز سان عملدرآمد ٿي رهيو آهي. هن چيو ته انٽيليجنس تي ٻڌل معلومات ذريعي حڪومت شدت پسندن جي ٺڪاڻن ۽ پناهگاهن کي سخت نقصان پهچايو آهي ۽ ملڪ جي بهادر فوج پاران شروع ڪيل آپريشن حتمي مرحلي ۾ آهي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته قوم جي عزم کانسواءِ امن جي بحالي ۾ ڪاميابي ممڪن نه آهي. هن چيو ته شدت پسندي ۽ عالمي دهشتگردي جي خاتمي سان ان جي بنيادي سبن جو پڻ خاتمو ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ خصوصي ۽ گهرا لاڳاپا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاملن تي هڪ جهڙائي موجود آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام سريلنڪا جي عوام جو وڏو احترام ڪري ٿي ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي حمايت کي ساراهي ٿي. وزيراعظم پنهنجي حڪومت جي مختلف قدمن کان آگاهه ڪيو جن ۾ جي ڊي پي ۽ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي، ناڻي واڌ ۽ بجيٽ خساري ۾ گهٽتائي شامل آهن. هن چيو ته ناليوارين عالمي ميڊيا، ناڻي وارن ادارن ۽ ريٽنگ ايجنسين بلومبرگ ۽ موڊيز پاڪستان جي معيشت کي مثبت قرار ڏنو آهي. هن چيو ته منهنجي حڪومت علائقائي ۽ عالمي رابطن تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن پاڪ چين اقتصادي لنگهه جو حوالو ڏنو جنهن ۾ 46 ارب ڊالر جي ترقياتي منصوبن جو پئڪيج شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان جلد ئي علائقائي معيشت جو هڪ اسٽريٽجڪ گيٽ وي بڻجي ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان تاپي گئس پائيپ لائين، ڪاسا 1000 پراجيڪٽ، طورخم جلال آباد روڊ سميت علائقائي توانائي ۽ رابطن جي ٻين منصوبن کي پڻ فروغ ڏئي رهيو آهي. سريلنڪا جي پرڏيهي وزير منگلا سمارا ويرا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون کي اجاگر ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *