تيل ۽ گئس ڳوليندڙ ڪمپنيون مقامي ماڻهن کي روزگار ڏين: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ منڇر ڍنڍ جي گدلاڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڍنڍ مان تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنين کي مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سرڪار کي نئين گاج جي تعمير ٽن بدران ٻن سالن اندر مڪمل ڪرڻ ۽ مقامي ماڻهن لاءِ 12 نوان آر او پلانٽس لڳائڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ منڇر ڍنڍ گدلاڻ ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت مختلف ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڍنڍ اندر ۽ ڀرپاسي تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙڪمپنين کي حڪم ڏنو ته مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي. عدالت مقامي ماڻهن لاءِ صاف پاڻي جي فراهمي خاطر لڳندڙ آر او پلانٽس جو ڪم مهيني اندر مڪمل ڪرڻ ۽ 12 نوان آر او پلانٽس لڳائڻ جو حڪم ڏنو. عدالت ڍنڍ کي گدلاڻ کان بچائڻ لاءِ 200 فوٽ ڊگهي لوهي ڄاري لڳائڻ ۽ نيئن گاج جي نئين سر تعمير وارو ڪم ٽن بدران ٻن سالن اندر مڪمل ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. سپريم ڪورٽ  وفاقي سرڪار کي منڇر جي بحالي واري رٿا لاءِ فنڊز بنا دير جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *