تيل ۽ بجلي مھانگي ٿيڻ جو اعتراف، ايندڙ 15 ڏينهن ۾ کنڊ 85 روپيا ٿي ويندي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ 13 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو، جنهن مان ڪيترن ئي ايجنڊا آئٽم جي منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب ڪابينا اجلاس ۾ وفاقي تخت گاهه اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد مڪاني چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جلد شيڊيول جاري ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پيٽرول بحران ڪميشن جي رپورٽ تي ڪابينا ڪميٽي جون سفارشون پيش ڪيون ويون. ملڪ ۾ گئس جي کوٽ ۽ مهانگي درآمدي گئس کي ڏسندي ڪابينا ڪيپٽو پاور پلانٽن لاءِ گئس اگهن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو. وفاقي ڪابينا پيٽروليم ڊويزن جي سمري تي واڌ جي منظوري ڏني آهي، ڪيپٽو پاور پلانٽن لاءِ گئس جي قيمت 2.5 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو واڌ جي منظوري ڏني وئي. فيصلي موجب ڪيپٽو پاور پلانٽن کي گئس 6.5 ڊالرن بدران 9 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو ڏني ويندي.  سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس بابت آڊيو جعلي ثابت ٿي، راند کيڏندڙ سڀ ڪردار اسان جي سامهون آهن، مريم شايد پنهنجي پارٽي جي ماڻهن کي قابو ۾ ڪرڻ لاءِ انهن جون ويڊيوز ٺهرائي رهي آهي . وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ن ليگ طرفان ثاقب نثار جهڙيون ويڊيوز نئين ڳالهه ناهي، ججن تي دٻاءَ لاءِ اهڙي مهم هلائي ويندي آهي، ڪنهن سياسي جماعت اهڙي حرڪت نه ڪئي جيڪا مريم نواز جو ٽولو ڪري رهيو آهي. هن سپريم ڪورٽ بار طرفان جاري ڪيل پريس رليز جي آجيان ڪندي چيو ته ججن خلاف مهم سان سپريم ڪورٽ بار جي لاتعلقي سٺو سنئوڻ آهي، سپريم ڪورٽ بار جي پريس رليز پاڪستان جي آئين موجب آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ايندڙ چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي ٿيڻ گهرجن ۽ ٿينديون، عدالتي حڪمن تي عمل ڪنداسين، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا اليڪشن ڪميشن سان رابطو قائم ڪندي، اليڪشن ڪميشن کي اي وي ايم لاءِ حڪومت جي گهربل هر مدد ڏينداسين، ن ليگ کي شڪر ڪرڻ گهرجي ته نواز شريف جا پٽ به ووڊ ڏئي سگهندا. فواد چوڌري مهانگائي جي حوالي سان چيو ته ايندڙ 15 ڏينهن ۾ کنڊ جي قيمت 85 رپيا في ڪلو تي اچي ويندي، ٽماٽو، بصر ۽ ادرڪ سستو ٿيو آهي، تيل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان ڪراچي ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه وڌيڪ آهن، ارڙهين ترميم کانپوءِ وفاق رڳو پاليسي ڏئي سگهي ٿو، عمل صوبائي حڪومتن کي ڪرڻو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *