تيل جا اگھ گھٽ ھجڻ جي دعويٰ، وفاقي سرڪار پاران عوام کي مڇي جو شڪار سکارڻ جو اعلان

ڪراچي(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته عمران خان عوام تي بار وجهڻ نٿو چاهي، پاڪستان ۾ هاڻي به پيٽرول جا اگهه گهٽ آهن، آءِ ايم ايف وٽ وڏو منصوبو کڻي وڃي رهيا آهيون.ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ پيٽرول سستو آهي، عوام تان مهانگائي جو بار گهٽائڻ چاهيون ٿا، عوام کي مڇي نه ڏينداسين، مڇي پڪڙڻ سيکارينداسين اسلام آباد ۾ خصوصي معاون فرخ حبيب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين جو چوڻ هو ته هن وقت پيٽروليم ليوي ٻه اڍائي رپيا آهي، اسان پيٽروليم ليوي جي لاءِ 6 سئو ارب روپيا رکيا آهن پر اسان ناهي لڳايو ڇو ته وزيراعظم ليوي لڳائڻ کان منع ڪئي آهي. پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته خطي ۾ پيٽروليم جي قيمتن ۾ پاڪستان 17 هين نمبر تي آهي، ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ پيٽرول جا اگهه گهٽ آهن. هن جو چوڻ هو ته ڪورونا اسان کي متاثر ڪيو، اسان زرعي ملڪ هجڻ باوجود فوڊ امپورٽر بڻجي ويا آهيون، اسان گيهه، کنڊ ۽ داليون گهرائي رهيا آهيون، زراعت وڌائڻ جا قدم کڻي رهيا آهيون. شوڪت ترين جو چوڻ هو ته عمران خان عوام تي بار وجهڻ نٿو چاهي، اسان ماڻهن کي مڇي نه ڏينداسين، مڇي پڪڙڻ سيکارينداسين. هن وڌيڪ چيو ته غريب طبقي کي سڌي ريت سبسڊي ڏينداسين، ساڍا 12 ملين گهراڻن کي سڌي ريت فوڊ سبسڊي ڏني ويندي، ملڪ جي 40 سيڪڙو آبادي هن سبسڊي کان فائدو کڻندي. هن جو چوڻ هو ته مڊل مين تمام گهڻو منافعو ڪمائي ٿو، جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پرائس مئجسٽريٽ جي عهدي کي ٻيحر بحال ڪيو پيو وڃي، مهانگائي گهٽ ڪرڻ لاءِ انتظامي ايڪشن ورتا ويندا. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ايف بي آر هدف کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيو آهي، معيشت ترقي ڪندي ته ان جا اثر عوام کي نظر ايندا، ڪامياب پاڪستان پروگرام آڻيون پيا، ننڍن هارين کي هر فصل لاءِ ڏيڍ لک رپيا بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا، جڏهن ته ڪاروبار لاءِ 5 لک روپيا بنا وياج جي ڏنا ويندا. شوڪت ترين جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف وٽ خاص ۽ وڏو منصوبو کڻي وڃي رهيا آهيون، اميد آهي ته آءِ ايم ايف ۾ اسان جي ڳالهه ٻڌي ويندي، آءِ ايف ايف سان گڏ روينيو هدف ۽ پاور سيڪٽر تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. هن چيو ته هينئر تائين آمدني 38 کان 40 سيڪڙو نمو آهي، پاور سيڪٽر جا چئلينجز آهن ۽ بجلي جا اگهه وڌائڻ مسئلي جو حل ناهي. شوڪت ترين جو چوڻ هو ته ڊالر جي قدر ۾ اضافي سان روپئي جي قيمت ۾ ڪمي سان قرضن ۾ اضافو ٿيو، گذريل سال قرض جي جي ڊي پي شرح 4 کان 5 سيڪڙو گهٽ ٿي آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *