تيل اگهن ۾ واڌ ڪري غريب عوام سان ظلم ڪيو ويو آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) مخالف ڌُر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ سان ملڪ جي غريب عوام سان ظلم ٿيو، بجيٽ کان پهريان بجيٽ پيش ڪري عوام تي مهانگائي بم ڪرايو ويو. اسلام آباد مان جاري بيان ۾ خورشيد شاهه وفاقي حڪومت کي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ تي سخت تنقيد جو نشانو بنائيندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ فوري واپس ورتي وڃي. هن چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ سان هر شيءِ مهانگي ٿي ويندي. اهڙي مني بجيٽ پيش ڪرڻي آهي ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 0 5  سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي، اهڙي ۾ 5  جون تي بجيٽ پيش ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه آهي. هن چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ ڪنهن جي منشا تي نه ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *