تيز گام سانحو: ريلوي اختيارين غفلت تي 6 آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

لاهور(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزارت تيز گام سانحي ۾ غفلت تي 6 آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو. تفصيل مجب ريلوي واري وزارت طرفان تيز گام سانحي  ۾ غفلت تي 6 آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ريلوي واري وزارت آفيسرن جي معطلي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب عطل ڪيل آفيسرن ۾ ڊويزنل ڪمرشل آفيسر ڪراچي جنيد اسلم، ڊويزنل ڪمرشل آفيسر سکر عابد قمر شيخ، اسسٽنٽ  ڪمرشل آفيسر سکر راشد علي، اسسٽنٽ ڪمرشل آفيسر ڪراچي احسان الحق، ريلوي پوليس جو ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ سکر دلاور ميمڻ ۽ ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ ريلوي پوليس ڪراچي حبيب الله خٽڪ شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *