تيز گام سانحو آهي يا دهشتگردي: مولانا فضل الرحمان جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(م.ڊ) پنهنجي خطاب دوران مولانا فضل الرحمان تيز گام سانحي تي افسوس ۽ فوتين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هُن مطالبو ڪيو ته جاچ ڪئي ڃي ته تيز گام سانحو آهي يا دهشتگردي. واقعي ۾ جيڪو نقصان ٿيو، اُن تي افسوس ٿيو آهي ۽ سمورن متاثرن سان ڏک ونڊيون ٿا. نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال ۽ مريم اورنگزيب جي اعلان کانپوءِ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي جي يو آءِ اڳواڻ مولانا غفور حيدري چيو ته جيڪڏهن ڪير اهو چئي رهيو آهي ته اسان پروگرام/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 23

ملتوي ڪيو آهي ته اها سازش آهي، مريم اورنگزيب نه مون سان رابطو ڪيو آهي ۽ نه مون ساڻس رابطو ڪيو. مريم اورنگزيب پاڻ رابطو ڪندي ته خبر پوندي ته هوءَ ڇا چوڻ گهري ٿي. هُن وڌيڪ چيو ته جيڪا غلط فهمي پيدا ڪئي وئي، اُها ختم ٿيڻ گهرجي، آزادي مارچ جا قافلا پروگرام پٽاندڙ اڄ رات اسلام آباد پهچندا، اُنهن جي اسلام آباد ۾ آجيان ڪئي ويندي. مارچ ۾ شامل ماڻهو اسلام آباد ۾ ترسندا ۽ سڀاڻي جمعي نماز به اُتي ادا ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ باضابطا طور جلسو ٿيندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *