تيره وادي ۾ جيٽ جهازن جي بمباري، 34 ويڙهاڪ مارجي ويا

خيبر ايجنسي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر ايجنسي جي تيره وادي ۾ سڪيورٽي فورسز جي جيٽ جهازن جي بمباري جي نتيجي ۾ 34ويڙهاڪ مارجي ويا آهن، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته بمباري ۾ دهشتگردن جا ڪيترائي ٺڪاڻا پڻ تباهه ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز خيبر ايجنسي جي وادي تيره واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جيٽ جهازن ذريعي دهشتگردن جي ٺڪاڻڻ تي بمباري ڪري ڏني. آءِ ايس پي آر  جو چوڻ آهي ته، بمباري جي نتيجي ۾ دهشتگردن جا ڪيترائي ٺڪاڻا پڻ تباهه ٿي ويا. سڪيورٽي فورسز جو چوڻ آهي ته بمباري۾ لشڪر اسلام ۽ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان جي ڇهه ٺڪاڻن تي حملا  ڪيا ويا، مارجي ويلن ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان جا 2 اهم ڪمانڊر به شامل آهن .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *