توهين وارو پروگرام: مير شڪيل الرحمان، شائسته لوڌي ۽ وينا ملڪ سميت ٻين کي 26، 26 سال قيد جو حڪم

گلگت (م.ڊ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت توهين واري پروگرام نشر ڪرڻ تي نجي ٽي وي چينل جي مالڪ مير شڪيل الرحمان سميت 4 جوابدارن کي 26، 26 سال قيد ۽ 13، 13 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي گلگت جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راجا شهباز گذريل مهينن کان ٻڌڻي هيٺ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي قرار ڏنو آهي ته چينل جي مالڪ مير شڪيل الرحمان، پروگرام جي ميزبان شائسته لوڌي ۽ مهمان وينا ملڪ ۽ اسد خٽڪ توهين وارو پروگرام بڻائڻ ۾ ڏوهي قرار ڏنا ويا آهن عدالت چئن ئي جوابدارن کي 26، 26 سال قيد ۽ 13، 13 لک روپيا ڏنڊ جي سزا جو حڪم ڏيندي آءِ جي اسلام آباد، آءِ جي پنجاب ۽ آءِ جي سنڌ کي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ حڪم ڏنو ته نجي ٽي وي چينل جي مالڪ مير شڪيل الرحمان جو پاسپورٽ ۽ ملڪيت ضبط ڪئي وڃي جڏهن ته عدالت فيصلو ٻڌائيندي ڪيس حل ڪري ڇڏيو .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *