توهين وارن خاڪن جي شايع ٿيڻ خلاف جماعت اسلامي پاران ملين مارچ جو اعلان

لاهور(م.ڊ) فرانس جي مردُود رسالي چارلي ايبڊو پاران گستاخ خاڪن کي ڇاپڻ سبب اسلامي دنيا ۾ باهه لڳي وئي آهي ۽ حبداران رسول صلي الله عليه وآله وصلم لاءِ اِها ڳالهه ڪنهن به طريقي سان قبوليت جوڳي نه آهي، سڄي ملڪ ۾ جمعي نماز کان پوءِ احتجاج ڪري مطالبا ڪيا ويا ته فرانس سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪيا وڃن، جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق چيو آهي ته فرانسيسي رسالي هڪ ارب 7 ڪروڙ مسمانن جي جذبن کي مجروح ڪيو آهي. فرانسيسي مردود رسالي جي انتظاميه اڻ ڄاتل هٿياربندن جي حملي کانپوءِ مسلمان دنيا کان وير وٺڻ لاءِ سموريون اخلاقي حدون ٽوڙي ڇڏيون آهن ۽ ڇپيل خاڪن کي ٻيهر ڇاپي اسلامي دنيا تي اهڙو ته وار ڪيو آهي، جنهن خلاف سڄي دنيا ۽ پاڪستان ۾ سخت تاءُ آهي. پاڪستان جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ جماعت اسلامي ۽ ٻين مذهبي پارٽين فرانسيسي رسالي خلاف احتجاج ڪيو، اسلام آباد، لاهور، پشاور، ڪوئٽيا، ڪراچي، فيصل آباد، سرگوڌا ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاج ڪري فرانسيسي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته اها ان رسالي تي پابندي مڙهي ۽ اسلامي دنيا جا جذبا مجروح ڪرڻ تي معافي وٺي. ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙن فرانسيسي سفارتخاني ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪراچي پوليس احتجاج ڪندڙن مٿان ڪڙڪي پئي، فائرنگ، شيلنگ ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪري عالمي استعمار کي بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ۾ ٽي شاگرد بيهوش ٿي پيا، جڏهن ته فرانس سان ئي واسطو رکندڙ خابرو اداري جو هڪ فوٽو گرافر آصف حسنين ڇاتي ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. لاهور ۾ جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي 23 جنوري تي گستاخ خاڪن خلاف ڪراچي ۾ ملين مارچ جو اعلان ڪيو. سراج الحق جو چوڻ هو ته رسالي پاران ڇاپيل گستاخ خاڪن سان اسلامي دنيا جا جذبا مجروح ٿيا آهن ۽ هڪ ارب ست ڪروڙ مسلمان انهي زيادتي خلاف خون جا ڳوڙها روئي رهيا آهن. هن چيو ته جماعت اسلامي انهن گستاخ خاڪن خلاف 23 جنوري تي ڪراچي ۾ ملين مارچ منعقد ڪري رهي آهي، جنهن ۾ سڀني کي وڌ کان وڌ شرڪت ڪرڻ گهرجي. هن فرانس جي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته رسالي تي پابندي هڻي اسلامي دنيا جا جذبا مجروح ڪرڻ تي معافي ورتي وڃي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *