توهين عدالت ڪيس: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران آءِ جي سنڌ جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻڌڻي 11اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ذوالفقار مرزا جي هاءِ ڪورٽ آمد جي موقعي تي سندس ساٿين ۽ صحافين تي تشدد بابت توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. آءِ جي سنڌ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته آءِ جي سنڌ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد ويل آهي ان ڪري اڄوڪي ٻڌڻي کان آجو قرار ڏيڻ واري سندس درخواست منظور ڪئي وڃي. عدالت آءِ جي جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻڌڻي 17 اپرين تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *