توهين عدالت ڪيس: توهان جوابدار آهيو، وردي ۾ عدالت نه اچو: آءِ جي سنڌ کي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هائيڪورٽ آئي جي سنڌ ۽ ٻين پوليس آفيسرن خلاف عدالتي توهين واري ڪيس جي ٻڌڻي 17 فيبروري تائين روڪي ڇڏي، آئي جي سنڌ جي دير سان اچڻ تي هائيڪورٽ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس چيو ته توهان جوابدار آهيو،ايندڙ ٻڌڻي تي وردي ۾ عدالت نه اچجو، اسان توهان جي ئي آفيسرن کي توهان جي گرفتاري جو حڪم ڏئي سگهون ٿا. سنڌ هائيڪورٽ جي جسٽس منيب اختر جي اڳواڻي ۾ آئي جي غلام حيدر جمالي ۽ ٻين پوليس آفيسرن خلاف عدالتي توهين واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،ان دوران اي آئي جي غلام قادر ٿيٻو، ايس ايس پي فيصل بشير ميمڻ ۽ ڊِي آئي جي فيروز شاهه وقت سر عدالت پهچي ويا، جڏهن ته آئي جي غلام حيدر جمالي دير سان پهتو، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ ڏيکاري، جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان سينيئر آفيسر آهيو، اوهان جو اهو ورتاءُ ٺيڪ ناهي، اڳتي دير سان اچڻ يا نه اچڻ بابت ڪابه معافي نه ٻڌي ويندي، عدالت آئي جي ۽ ٻين آفيسرن کي هدايت ڪئي ته توهان جوابدار آهيو، ايندڙ ٻڌڻي تي وردي ۾ عدالت نه اچجو، ٻڌڻي دوران ايس پي طاهر نوراني لکت ۾ جواب ڏيندي چيو ته مان آئي جي کي عمري تي وڃڻ جو چيو هو پر نه وڃي سگهيس ۽ اهڙيِ ڄاڻ آئي جي سنڌ کي نه ڏئي سگهيس، بينچ ۾ شامل جسٽس ڪي ڪي آغا عدالتي توهين جو ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪيو، جنهن ڪري بينچ ٽٽي پئي ۽ ڪارروائي 17 فيبروري تائين روڪي وئي، هاڻ ايندڙ ٻڌڻي نئين بيچ جي سامهون ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *