تونسه شريف ۾ آپگهاتي ڌماڪو، ضلعي ڪائونسل جي اميدوار سميت 8 ڄڻا مارجي ويا

تونسه (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جَي شهر  تونسه شريف ۾ نون ليگ ايم اين اي جي اليڪشن آفيس ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ضلعي ڪائونسل جي اميدوار سميت 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، ن ليگ ايم اين اي امجد کوسو اسلام آباد ۾ هئڻ سبب محفوظ رهيو. ڊيرا غازي خان جي علائقي تونسا شريف ۾ ن ليگ ايم اين اي امجد فاروق کوسو جي اوطاق ۾ مڪاني چونڊن بابت قائم اليڪشن ڪميشن ۾ گڏجاڻي جاري هئي ته زوردار ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي جي نتيجي ۾ ضلعي ڪائونسل جي اميدوار سميت 8 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. پوليس موجب، ڌماڪي وقت آفيس ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا، جڏهن ته ن ليگ ايم اين اين امجد فاروق کوسو اسلام آباد ۾ هئڻ سبب محفوظ رهيو. پوليس موجب، مارجي ويلن مان پنجن ڄڻن جي سڃاڻپ، امجد، اختر، فيضان ۽ زاهد طور ڪئي وئي آهي. ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي تونسا اسپتال منتقل ڪيو ويو،  جتي ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب وڌيڪ جاني نقصان جو خدشو آهي. ڊي پي او ڊيرا غازي خان تصديق ڪئي آهي ته ڌماڪو آپگهاتي هو. ٻئي پاسي نون ليگ ايم اين اي امجد فاروق کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کيس ڪنهن به قسم جي ڌمڪي نه ملي هئي، ڌماڪي ۾ سندس ويجهو ساٿي ضلعي ڪائونسل جو اميدوار مارجي ويو آهي. امجد فاروق کوسو چيو ته دهشتگردن جي بزدلاڻين ڪاررواين سان سندن حوصلا ڪمزور نه ٿيندا. ٻئي پاسي وزير اعظم نواز شريف، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ ٻين واقعي جي مذمت ڪئي آهي. پنجاب جي وڏي وزير شهباز واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پنجاب ۽ ڊي پي او ڊيرا غازي خان کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *