توشا خانا جي گهڙين کي کپائي جيڪي پئسا عمران خان جي گهرواري وصول ڪيا، انهن جا تفصيل ڇو نٿا ٻڌايو؟ : عليم خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي باغي اڳواڻ عليم خان جي وزيراعظم عمران خان تي لڳايل الزامن بابت مبينا آڊيو ليڪ ٿي وئي. مبينا آڊيو ڪال ۾ عليم خان کي عمران خان تي الزام هڻندي ٻڌي سگهجي ٿو. مبينا آڊيو ۾ عليم خان چيو ته مان جيتري محنت پي ٽي آءِ لاءِ ڪئي ڪنهن نه ڪئي، عمران خان کي ٻاهران ويهي ڏسڻ، ٽي وي تي ڏسڻ يا ان جون ڳالهيون ٻڌڻ سٺو لڳندو آهي، ڳالهيون ته ٻيا به ڪيترائي ماڻهو سٺيون ڪندا آهن پر جڏهن عمل جي ڳالهه اچي ٿي ته فرح بي بي ذريعي پنجاب ۾ جيڪا رشوت ڏني وئي ۽ ان جي گهرواري کي جيڪي ملڪ رياض کان سيٽ ڏنا ويا، اهي ڇو ڏنا ويا؟ مبينا ڪلپ ۾ عليم خان چيو ته توشا خانا جي گهڙين کي کپائي جيڪي پئسا عمران خان جي گهرواري وصول ڪيا، انهن جا تفصيل ڇو نٿا ٻڌايو؟ ايڏا ايماندار آهيو ته پنهنجون ڳالهيون ٻڌايو، عثمان بوزدار جيڪي پئسا وصول ڪيا، اها ڪاڏي ويا، فرح ڪير هئي؟ عليم خان جو مبينا آڊيو ۾ وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان جيڪو نظر ايندو آهي ۽ حقيقت ۾ جيڪو آهي، ٻئي تمام گهڻا مختلف آهن ۽ جيڪو لباس هن پاتو آهي، انشاءَ الله جلد ان کي دنيا سامهون آڻيندس. مبينا آڊيو ۾ سندس چوڻ هو ته مان نواز شريف ۽ شهباز شريف کي نٿو سڃاڻان، مون کي عمران خان کان پنهنجو حساب برابر ڪرڻو آهي، هن مون سان ۽ منهنجي ٻارن سان جيڪو ڪيو، ان جو حساب برابر ڪري رهندس.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *