توانائي بحران تي ايندڙ ٽن سالن اندر ضابطو آڻي پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهيا ويندا:خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو) وفاقي وزير خواجا آصف، هڪ ڀيرو وري پاڻي ۽ بجلي جي بحران جو ذميوار ماضيءَ جي حڪومتن کي قرار ڏيندي چيو آهي ته توانائي بحران تي ايندڙ ٽن سالن اندر ضابطو آڻي پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهيا ويندا، ڀارت کي سنڌ طاس معاهدي تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته ملڪ ۾ پاڻي ۽ بجلي جي کوٽ ماضيءَ جي حڪومتن جي بدانتظامي جو نتيجو آهي. هـُن چيو ته عالمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڻي جي مسئلي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته اهو اهم ترين ۽ قومي مسئلو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ذخيرا نه هجڻ ڪري تمام گهڻو پاڻي ذيان ٿئي ٿو، جنهن ڪري پاڻي کوٽ وارو مسئلو به ڏينهون ڏينهن ڳنڀير ٿيندو پيو وڃي. خواجا آصف چيو ته ملڪ ۾ هر سال ٻوڏ اچڻ جو سبب به پاڻي جا ذخيرا نه هجڻ آهي ۽ هاڻ پاڻي ذخيرن لاءِ ڊيمن جي تعمير زندگي ۽ موت جهڙو مسئلو بڻجي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *