تنگواڻي: معصوم ٻار خانگي اسپتال ۾ بخار سبب فوت، لاش کڻڻ لاءِ ايمبولينس نه ملي

تنگواڻي (م.ڊ) تنگواڻي ۾ هڪ ٻيو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي جتي معصوم ٻار جي لاش ايمبولينس نه ملڻ تي   موٽرسائيڪل تي گهر کڻي وڃڻ تي مجبور  . مقامي ماڻهن واقعي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي تنگواڻي جي ڀر واري ڳوٺ حاجن علائقي جو معصوم  گلمير تيز بخار جي ڪري هڪ خانگي اسپتال پهچايو ويو. جتي هو فوت ٿي ويو آهي. هڪ معصوم ٻار جي لاش کي موٽر سائيڪل تي گهر منتقل ڪيو ويو آهي جئين افسوسناڪ واقعي کانپوءِ ايمبولينس نه ملي. ٻار جي وارثن چيو ته تنگواڻي اسپتال انتظاميه مان جڏهن ايمبولينس فون ڪئي وئي ايمبولينس خرابي جو بهانو ڪيو آهي  ، هنن چيو ته هنن کي موٽر سائيڪل تي گهر وٺي وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو. جڏهن ته اسپتال جي عملي جي بے حرمتي ۽ لاپرواهي ان علائقي جي ماڻهن ۾ خدشا پيدا ڪيا آهن ، علائقي جي ماڻهن ۽ شهرين انتظاميه کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *