تنقيد ٿيڻ سان سکڻ جو موقعو ملندو آهي:وقار يونس

لاهور(اسپورٽس نيوز)بالنگ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته هو تعميري ۽ ڪم جوڳي تنقيد مان سکندو آهي، ڪرڪيٽ ڪاميٽي کي صرف هار نه جيت تي به گهرائڻ گهرجي.بالنگ ڪوچ وقار يونس آن لائن پريس ۾ ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته هر راند جي بنياد تي پرفارمنس ٿيندي آهي ته پوءِ اسڪروٽني ٿيندي جيڪا فطري ڳالهه آهي.هن جو چوڻ هو ته تنقيد ٿيڻ گهرجي ان سان سکڻ جو موقعو ملي ٿو پر بي معنيٰ تنقيد نه ٿيڻ گهرجي، آئون سمجهان ٿو ڪرڪيٽ ڪاميٽي کي باقاعده لوڏڻ گهرجي، اهڙا سيشنز تمام سٺا ٿيندا آهن.ڪرڪيٽ ڪاميٽي کي صرف هار نه پر جيت تي به گهرائڻ گهرجي ته جيئن اهو ڏسي سگهجي ڇا ڪيوسين جو ڪاميابي ملي ته جيئن ڪاميابي جي تسلسل کي برقرار رکڻ جو پلان ٺاهي سگهجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *