تعليم کي هٿي ڏئي دشمنن جو مقابلو ڪنداسين: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نواز شريف سان آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيد ٻارڙن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ انهن جون يادون هميشه لاءِ تازيون رکڻ لاءِ وفاقي گادي واري هنڌ جي 122 ڪاليجن ۽ اسڪولن کي انهن جي نالن سان منصوب ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، ۽ چيو آهي ته عدم برداشت جا عملبردار نٿا چاهين ته اسان جا ٻارڙا تعليم پرائين پر اسان کين ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، انهن ٻارڙن روشني خيالي جا ٻج پوکيا آهن ۽ اسان جا دشمن نفرت ۽ انتهاپسندي سان وڙهن ٿا، اسان برداشت کي هٿي ڏئي انهن جو جواب ڏينداسين، سومر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو ته ان قدم سان ٻارڙن جي يادن کي هميشه محفوظ رکيو ويندو، جن نفرت ۽ جهالت جي قوت جي ڀيٽ ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، انهن روشني خيالي جا ٻج ڇٽيا، نواز شريف چيو ته روشني خيالي ۽ تعليم اسان جو سرزمين آهي، اسان جي گهر جي بقا مادر وطن ۽ شهيدن جي يادن کي الڳ الڳ نٿو ڪري سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *