تعليم کاتي ۾ نين ڀرتين لاءِ هڪ هفتي اندر ضلعي وائيز تفصيل طلب,ڀرتيون ميرٽ تي ٿينديون: نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙي تعليم کاتي ۾ نين ڀرتين لاءِ کاتي جي ڊاريڪٽرن ۽ ڊي اي اوز کان رٽايرڊ، فوتي ملازمن جي خالي جاين سميت نئين منظور شده خالي جاين جا  هڪ هفتي اندر ضلعي وائيز تفصيل طلب ڪري ورتا آهن ۽ آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو فوري طور تي خالي جاين جا تفصيل فراهم ڪن. تفصيل فراهم نه ڪندڙ آفيسرن کي معطل ڪيو ويندو.اهڙيون هدايتون هن اڱاري ڏينهن سندس صدارت ۾ ٿيل تعليم کاتي سنڌ جي سڀني آفيسرن جي اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪيون. اجلاس ۾ تعليم کاتي جي سيڪريٽري سميت سنڌ جي ڊاريڪٽرن ۽ ڊي اي اوز شرڪت ڪئي. نثار احمد کهڙو چيو ته پيپلز پارٽي عوام جي گهرن جا چلها ٻارڻ تي يقين رکي ٿي ان ڪري فوري تي خالي جاين جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن ته جيئن اشتهار ڏئي ميرٽ تي بي روزگار نوجوانن کي روزگار فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته جيڪي آفيسر هڪ هفتي اندر تفصيل فراهم نه ڪندا انهن ڊي اي اوز ۽ ڊاريڪٽرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ سان گڏوگڏ کين معطل ڪيو ويندو ۽ ان حوالي سان سندن ڪنهن به ٽال مٽول کي برداشت ۽ قبول نه ڪيو ويندو.ان موقعي تي هن تعليم واري سيڪريٽري کي خالي جاين جا تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ آفيسرن کي فوري شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جون پڻ هدايتون ڪيون.نثار احمد کهڙي آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ميرٽ تي اين ٽي ايس ٽيسٽ ذريعي ڀرتي ڪيل مختلف ضلعن مان ڪيترن اميدوارن کي اڃان تائين پگهارون جاري نه ٿيڻ جون شڪايتون مليون آهن. مون کي عوام جي پريشاني جو احساس آهي ۽ بجيٽ به موجود آهي ته پوءِ کين پگهارون جاري ڇو نه ٿيون  آهن ۽ انهن اميدوارن جي پگهارن بابت ڊيٽا بيس ڇو نه موڪلي وئي آهي ان بابت وضاحت ڏيو جيڪڏهن آفيسرن ڪم نه ٿا ڪري سگهن ته پوءِ گهر هليا وڃن. هن چيو ته ان ڳالهه کي ڪڏهن به برداشت نه ڪندس ته ميرٽ تي ڀرتي ٿيڻ باوجود اهي اميدوار پگهارن لاءِ پريشان ٿين. ان موقعي تي هن آفيسرن کي پي ايس ٽي، جي ايس ٽي ۽ ايڇ ايس ٽي جي سينارٽي لسٽ پڻ فوري طور جمع ڪرائڻ هون هدايتون پڻ جاري ڪيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *